چٽوگرام -12 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ سريلنڪا جي ٽيمن وچ ۾ 3 هڪ ڏينهن وارين عالمي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ (اڄ) اربع کان ظهرو احمد چوڌري اسٽيڊيم، چٽوگرام ۾ کيڏي ويندي. ميچ بنگلاديش جي مقامي وقت مطابق صبح جو 2 وڳي شروع ٿيندي ۽ ميچ ڊي اينڊ نائٽ هوندي. سريلنڪن ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ آئي ليندرز ميزبان بنگلاديش جي ٽيم کي 2-1 تان شڪست ڏني هئي. 3 هڪ ڏينهن وارين ۽ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز باقي رهيل آهن. ون ڊي سيريز ۾ ميزبان بنگلاديش کي ٽيم نجم الحسين شانٽو هي ليڊ ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي ٻي ميچ 15 مارچ جڏهن ته ٽين ۽ آخري ميچ 18 مارچ تي کيڏي ويندي. 3 ميچن جي سيريز جون ٽئي ميچون ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ کيڏيون وينديون. جنهن کان پوءِ ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ لاءِ ٻئي ٽيمون سلهٽ روانو ٿينديون. ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ 22 کان 26 مارچ تائين سلهٽ انٽرنيشنل اسٽيڊيم، سلهٽ ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 30 مارچ کان 3 اپريل تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ کيڏي ويندي.