ميلبورن-29 ڊسمبر (اي پي پي)آسٽريليا ميلبورن ٽيسٽ ميچ ۾ پاڪستان کي 79 رنسن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري ورتي، پاڪستاني ٽيم 317 رنسن جي هدف ۾ 237 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. شان مسعود ۽ سلمان علي آغا جون ففٽيون به پاڪستان جي ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيون، آسٽريليا جي ڪپتان پيٽ ڪمنز شاندار بالنگ جو مظاهرو ڪندي 5 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته کيس ميچ ۾ مجموعي طور تي 10 وڪيٽون مليون.