نيويارڪ-05 ڊسمبر (اي پي پي)صحافين جي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي تنظيم ڪميٽي ٽو پروٽيڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) چيو آهي ته 17 آڪتوبر کان شروع ٿيل اسرائيل فلسطيني تڪرار دوران غزه ۾ هاڻ تائين 63 صحافي مارجي چڪا آهن. روسي خابرو اداري مطابق تنظيم جي رپورٽ جي حوالي سان ٻُڌيو ته ويجهڙ ۾ شهيد ٿيل صحافين ۾ القدس ٽي وي جي رپورٽر حسن فراج الله ۽ المجدات نيٽ ورڪ جي صحافي شيما الغزار به شامل آهن. سي پي جي واضح ڪيو ته 17 آڪٽوبر کان هاڻ تائين 56 فلسطيني ميڊيا ورڪرز، 4 اسرائيلي ۽ 3 لبناني صحافي پنهنجون جانيون وڃائي چڪا آهن جڏهن ته 11 صحافي زخمي ٿيا ۽ 3 لاپتا آهن. سي پي جي وچ ايشيا ۽ اُتر آفريقا جي پروگرام ڪوآڙڊينيٽر شيريف منصور چيو ته سي پي جي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته صحافي بحران جي وقت ماڻهن کي تازا ترين حالتن کان آگاهه ڪن ٿا ۽ جنگ ڪندڙ ڌُرين طرفان کين نشانو نه بنائڻ گهرجي. فلسطيني صحافين جي سينڊيڪيٽ ان کان اڳ اطلاع ڏنو هو ته غزه ۾ اسرائيلي فوجي ڪاررواين جي شروعات کان پوءِ هاڻ تائين 63 فلسطيني صحافي شهيد ٿي چڪا آهن.