اسلام آباد- پهرين ڊسمبر(اي پي پي) نيوزي لينڊ ۽ پاڪستان جي عورت ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جو پهريون ميچ 3 ڊسمبر تي يونيورسٽي اوول، ڊونيڊن ۾ کيڏيو ويندو. پاڪستان جي ويمن ڪرڪيٽ ٽيم وقت نيوزي لينڊ جي دوري تي آهي ۽ هو پنهنجي نيوزي لينڊ جي دوري ۾ ميزبان عورت ڪرڪيٽ ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي ۽ 3 هڪ ڏينهن واري عالمي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جو آغاز 3 ڊسمبر تي پهرين ميچ سان ٿيندو. ٻيو ميچ 5 ڊسمبر تي، جڏهن ٽيون ۽ آخري ميچ 9 ڊسمبر تي جان ڊيوس اوول، ڪوئنز ٽان ۾ کيڏيو ويندو، ٽي ٽوئنٽي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هڪ ڏينهن جي ميچن جي سيريز جو پهريون ميچ 12 ڊسمبر تي جان ڊيوس اوول، ڪوئنز ٽائون ۾ کيڏيو ويندو، ٻيو هڪ ڏينهن وارو ميچ 15 ڊسمبر تي ۽ ٽيون ۽ آخري ميچ 18 ڊسمبر تي هيگلي اوول، ڪرائسٽ چرچ ۾ کيڏيو ويندو.