بيجنگ – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ وسيع تر ثمر رکندڙ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبي کي ساراهيندي چيو آهي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه منصوبو (سي پيڪ ) سڀني جي لاءِ مفيد تعاون ۽ گڏيل حصيداري جو عملي مظهر آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهميت رکي ٿو جڏهن ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو سان غربت ۽ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن اها ڳالهه شايع ٿيندڙ چائنا ڊيلي کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ چئي. نگران وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ جي بصيرت انگيز بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو منصوبي کي ساراهيندي چيو ته اهو وسيع تر ثمر رکندڙ آهي، ان منصوبي سان غربت ۽ اڻبرابري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي جڏهن ته ان سان گڏوگڏ جامع ترقي، ماڻهن جي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ بهتري ۽ حڪومتن پاران قرضن جي ادائيگي جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. نگران وزيراعظم بي آر آئي منصوبي کي ان ۾ شريڪ ملڪن کي ”قرضن جي ڄار“ ۾ جڪڙڻ جي تاثر کي رد ڪندي چيو ته چين اسرندڙ ملڪن کي ترقياتي فنانسنگ جو هڪ انوکو طريقيڪار پيش ڪري رهيو آهي جيڪو بنا شرطن جي ۽ روايتي ترقياتي مالياتي ماڊلز کان مختلف آهي، بي آر آئي فنانسنگ کي ”قرض جي ڄار“ جي طور تي بيان ڪرڻ غلط آهي اهو منصوبو ان ۾ شامل ملڪن کي ان جي عوام جي پائيدار ۽ جامع ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مدد جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن وضاحت ڪئي ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تحت پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سڌوسنئون سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي ۽ ان سان مجموعي طور تي 2 لک 36 هزار نوڪريون پيدا ٿيون ۽ اهو ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهميت رکندڙ آهي. هن چيو ته هي منصوبو هڪ کليل، ٺوس ۽ جامع ترقي جي نموني جو بهترين مثال پيش ڪري ٿو جيڪو ملڪ جي سمورن حصن ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي فائدو پهچائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته گوادر پورٽ جي ترقي اڳ ۾ ئي نوان اقتصادي موقعا پيدا ڪيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ رکندڙ گوادر بندرگاهه هاڻي فعال آهي ۽ افغانستان جي لاءِ ٽرانس شپمنٽ واپار سميت ڪارگو جهاز باقاعدگي سان هتي لنگرانداز ٿي رهيا آهن، اهو مقامي، چيني ۽ ٻين عالمي سيڙپڪارن جي لاءِ منافعو ڏيندڙ مراعتون ڏيڻ جي لاءِ هڪ آزاد اقتصادي زون پڻ آهي. هن چيو ته گوادر ۾ هڪ نئون عالمي هوائي اڏو تعمير ڪيو ويندو، جنهن سان بندرگاهه کي علائقائي واپار ۽ رابطي جي مرڪز جي طور تي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي ويجهو آندو ويندو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته چيني اهلڪارن ۽ ادارن جي فول پروف سيڪيورٽي ۽ انهن جي حفاظت اسان جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت چيني ڪارڪنن ۽ ڪاروباري ماڻهن جي حفاظت جي لاءِ سخت حفاظتي پروٽوڪول اختيار ڪيو آهي. هن آگاهه ڪيو ته باقاعده سيڪيورٽي بريفنگ، خطرن جي تشخيص ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا انهن پروٽڪولز ۾ شامل آهن ته جيئن ممڪن خطرن جي نشاندهي ڪري سگهجي ۽ ان موجب حل ڪڍي سگهجي. هن چيو ته اهي گڏيل ڪوششون اسان جي چيني ڀائرن ۽ ڀينرن جي لاءِ هڪ محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ٺوس عزم جي نشاندهي ڪري ڪن ٿيون، جيڪي پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ اڳڀرائي ۾ پنهنجو حصو وجهي رهيا آهن. نگران وزيراعظم چيو ته کيس بيلٽ اينڊ روڊ فورم مان تمام گهڻيون اميدون آهن، جنهن دوران هو چيني اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. هن ان منصوبي جي ڪاميابين، ان مان سکڻ ۽ مستقبل جو جائزو وٺندي چيو ته ان منصوبي ٻنهي ملڪن کي عالمي تعاون ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي عزم جي توثيق ڪرڻ جو هڪ موقعو فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته چين سان اسان جا لاڳاپا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو بنياد آهن. چين کي هڪ اسٽريٽجڪ ۽ اعتماد جوڳو ترقياتي حصيدار قرار ڏيندي هن چيو ته منهنجي دوري جو مقصد ان هر موسم ۾ آزمايل اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو ورجاءُ ڪرڻ آهي. هن ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا جي قيادت ۾ 80 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ ۾ چين جي نمايان ڪاميابين جو ذڪر ڪندي چيو ته چين وانگر پاڪستان به هڪ اسرندڙ ملڪ آهي، جنهن جي آبادي 24 ڪروڙ آهي، پنهنجي قوم کي پائيدار ترقي جي راهه تي آڻڻ جي لاءِ اسان چين کان گهڻو ڪجهه سکي سگهون ٿا.