چنائي-17 آڪٽوبر (اي پي پي)انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۾ اڄ اربع ڏينهن هڪ ميچ کيڏي ويندي، جنهن ۾ نيوزي لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون آمهون سامهون هونديون. هي ميچ ميگاايونٽ جو 16 هون ميچ هوندو ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ڀارت ۾ جاري آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو 13 هون ايڊيشن جاري آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ ۽ زوردار مقابلو ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگا ايونٽ ۾ اڄ نيوزي لينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون ايم اي چدمبرم اسٽيڊيم، چنائي ۾ زور آزمائينديون. نيوزي لينڊ جي ٽيم پنهنجون ٽيئي ميچ کٽي چڪي آهي جڏهن ته افغانستان جي ٽيم به ٽن ميچن مان هڪ ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.