احمد آباد _ 13 آڪٽوبر (اي پي پي ) انٽر نيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي ) جي اهتمام هيٺ آئي سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامنٽ ۾( اڄ )ڇنڇر ڏينهن تي هڪ ميچ کيڏي ويندي . جنهن ۾ روايتي حريف پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون . اها ميچ ميگا ايونٽ جي 12 هين ميچ هوندي ۽ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي .