اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ يقين ڏياريو آهي ته حڪومت بجلي صارفين کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل غيرروايتي حل ڳولڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، عام چونڊون آئين موجب جلد کان جلد منعقد ڪرائڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت بجلي جي بلن جي معاملي تي مالياتي ادارن سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد سان گڏوگڏ عوام کي مطمئن ڪرڻ جي لاءِ حقيقتن تي ٻڌل فيصلا ڪندي، گردشي قرض، بجلي چوري ۽ لائين لاسز وڏا چئلينجز آهن، حڪومت احتجاج ڪندڙن جا جذبا مجروح ڪرڻ کانسواءِ ان مسئلي جو گهٽ مدي وارو حل ڳوليندي. هن چيو ته عام چونڊون جلد کان جلد قانون موجب منعقد ڪرائڻ جي لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ عبوري حڪومت جو مينڊيٽ آهي، آئين موجب آدمشماري کانپوءِ تڪبنديون ضروري آهن. هن چيو ته حڪومت جي نئين سر جوڙجڪ کانسواءِ عبوري حڪومت معاشي بحالي ۾ سهولت لاءِ سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ جي پاليسي تي ڌيان ڏنو آهي، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) معاشي بحالي جي حڪمت عملي آهي جنهن ۾ زراعت، معدنيات، دفاعي پيداوار ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏنو ويو آهي. پنهنجي حڪومت جي معاشي سڌاراجاتي ايجنڊا جي حوالي سان هن چيو ته ٻن يا ان کان وڌيڪ بجلي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي فوري نجڪاري ڪئي ويندي، بجلي ۽ ٽيڪس جي شعبن ۾ سڌارن جي ضرورت آهي، حڪومت وچولي مدي وارن سڌارن جو بنياد فراهم ڪندي. هن چيو ته حڪومت معاشي منصوبابندي جي لاءِ اسٽريٽجڪ راهه مقرر ڪرڻ جي لاءِ عمل جوڳي حڪمت عملي جوڙڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۾ رجسٽرڊ سمورين سياسي پارٽين کي بنا ڪنهن فرق جي عام چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو برابر موقعو ملندو جڏهن ته ڪجهه سياسي پارٽين جو رويو تشدد پسنداڻو آهي جن کي ملڪي قانون موجب منهن ڏنو ويندو. ٽي ٽي پي پاران دهشتگرد حملن بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته افغانستان مان انخلا دوران اتي آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا باقي رهجي ويل هٿيار علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن ۽ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته غيرملڪي فوجون پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغانستان مان هليون ويون جڏهن ته اسان پنهنجي ملڪ، ٻارن، مسجدن ۽ عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ تيار آهيون، پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ گڏيل لاڳاپا ثقافت، مذهب ۽ سماجي رابطن تي ٻڌل آهن، پاڪستان افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي، حڪومت غيرقانوني پناهگيرن جي مسئلي جي حل لاءِ پاليسي جوڙي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت جا پاڪ فوج سان بهترين لاڳاپا آهن ۽ ٻئي خاص طور تي معاشي بحالي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بلوچستان جي عوام سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي سي پيڪ منصوبن جي آجيان ڪئي ۽ هاڻي اهو منصوبو ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. هن چيني شهرين کي هر ممڪن سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بلوچستان ۾ چاندي ۽ سون جي 6 ٽريلين ڊالر جي ذخيرن جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو جلد شروع ٿيندو. هن سمورين لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته پاڪستان کي دنيا ۾ مختلف انداز ۾ پيش ڪرڻ جي لاءِ معدنيات جي علائقن جي ڳولا لاءِ ماڊل جوڙيو وڃي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سعودي عرب ۽ وچ اوڀر مان 25، 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٻن کان پنجن سالن ۾ پاڪستان ايندي. هن چيو ته 9 مئي تي فوجي ٺڪاڻن تي حملو سماجي عدم توازن پيدا ڪرڻ جي ڪوشش هئي، موجوده خطرن کي قانون موجب منهن ڏيڻ ضروري آهي ۽ هو اهڙي رويي کي قانون موجب منهن ڏيڻ جي حمايت ڪن ٿا.