جوهانسبرگ – 05 سيپٽمبر( اي پي پي) ڏکڻ آفريڪا ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 05 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 07 سيپٽمبر خميس تي اوول بلو مفونتين ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ڊي اينڊ نائيٽ هوندي. ان کان اڳ آسٽريليا جي ٽيم 03 ٽي – 20 ميچن ۾ ميزبان ڏکڻ آفريڪا کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ونڊي سيري جون پهريون 04 ميچون ڊي اينڊ نائيٽ هونديون جڏهن ته پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ ڏينهن جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم جي قيادت ٽيمبابو ماليڊ ڪندو جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم جي اڳواڻي مچل مارش ڪري رهيو آهي. ٻنهي تيمن وچ ۾ ٻي ون ڊي ميچ 09 سيپٽمبر ، ٽئين ون ڊي ميچ 12 سيپٽمبر، چوٿين ون ڊي ميچ 15 سيپٽمبر ۽ پنجين ۽ آخري ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.