ڪراچي -04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان وومين ٽيم جي رانديگرياڻين ۽ ٽيم مينجمينٽ ڏکڻ آفريقا خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کٽڻ تي ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي سربراهه تانيه ملڪ، جنرل مئنيجر عائشه اشعر ۽ سليڪشن ڪميشن جا ميمبر پڻ موجود هئا. پاڪستان وومين ڪرڪيٽ ٽيم ڏکڻ آفريقا وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 5 وڪيٽن ۽ آچر تي کيڏيل ٻي ٽوئنٽي-20 ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.