ڪراچي -04 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مينجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻي ٽيم خلاف 3 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز کٽڻ تي پاڪستاني عورتاڻي ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار، ٻين رانديگرن ۽ ٽيم مينجمينٽ کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته سمورن رانديگرن شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل پيغام ۾ ذڪا اشرف چيو ته ورلڊ ڪپ فائينل جي لحاظ کان مخالف خلاف ڪاميابي وڏي اهميت رکي ٿي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ٽيم سيريز جي ٽين ميچ ۾ به ڪاميابي ماڻي ڪلين سوئيپ ڪندي ۽ ون دي سيريز ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي.