اسلام آباد -04 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ ايشيا ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي 16هين ايڊيشن ۾ ڪانٽيدار مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جنهن جي ميزباني پاڪستان ۽ سريلنڪا ڪري رهيا آهن. ٽورنامينٽ ۾ اڄ اڱاري تي هڪ ميچ کيڏي ويندي جنهن ۾ گروپ بي جون ٽيمون افغانستان ۽ سريلنڪا جي عورتاڻي ٽيم قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق ڏينهن جو اڍائي وڳي شروع ٿيندي. سريلنڪا پنهنجي گروپ جي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي ۽ 2 پوائنٽن سان ٽيبل تي ٽاپ تي آهي. بنگلاديش ٻه ميچون کيڏي چڪي آهي جنهن ۾ آئرلينڊر هٿان شڪست جڏهن ته ٻي ميچ ۾ افغانستان کي شڪست ڏني هئي.