اسلام آباد -03 سيپٽمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي، ته گلگت بلتستان ۾ امن ۽ استحڪام آهي، اسڪول، ڪاليج، بازارون ۽ روڊ رستا کليل آهن، صورتحال پرامن آهي، پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن سوشل ميڊيا تي گمراهه ڪندڙ بيانن ۽ جعلي خبرن جي رڪارڊ کي درست ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته گلگت بلتستان م امن ۽ استحڪام آهي، اسڪول، ڪاليج، بازارون ۽ روڊ رستا کليل آهن. جيڪي معمول جي احساس جو اظهار ڪري رهيون آهن. هن چيو ته اڪثر مذهبي ۽ فرقيواراڻن خدشن جي رد عمل ۾ پرامن احتجاج ٿيندو آهي پر صورتحال مڪمل طور تي پرامن آهي، اتي فوج جي ڪا به مقرري ناهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان آرمي ايندڙ هفتي حضرت امام حسين رضه جي چهلم جي موقعي تي ڪميونٽي جي تحفظ لاءِ تيار آهي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير گلگت بلتستان ۾ بدامني جي خبرن کي بي بنياد قرار ڏيندي چيو ته ڪا به گولي ناهي هلي، سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي ڪو به نقصان ناهي پهتو، احتجاج مقامي مسئلن تي هڪ فطري سياسي جمهوري رد عمل آهي، جنهن جو گلگت بلتستان ۾ پرامن طريقي سان انتظام ڪيو ويو، گلگت بلتستان ۾ امن ۽ هم آهنگي جي جنت آهي.