ڪراچي -23 آگسٽ (اي پي پي) نيپال جي ڪرڪيٽ ٽيم ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي وئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ويڊيو مطابق ڪراچي پهچڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي عهديدارن نيپال ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن جو استقبال ڪيو ۽ انهن کي گلن جا هار پاراهيا. نيپال ۽ پاڪستان وچ ۾ ايشيا ڪپ جو افتتاحي ميچ 30 آگسٽ کي ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. نيپال جي ٽيم ڪراچي ۾ 2 ڏينهن پريڪٽس ڪندي ۽ هڪ ڏينهن پريڪٽس ميچ ۾ کيڏيندي.