اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بيمارين جي تدارڪ جي لاءِ عوام ۾ ڀرپور آگاهي مهم ۽ نوجوانن کي شروعاتي طبي امداد جي تربيت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ احتياطي تدبيرون ضروري آهن، قومن جي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت بنيادي ٿنڀ آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ميڊ هيلٿ ايڪسپو ۽ سمٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (آر سي سي آئي) ڪيو هو. صدر چيو ته بيمارين کان وقت سر بچاءُ جي ذريعي صحت جي شعبي تي بار گهٽ ڪري سگهجي ٿو، شروعاتي طبي امداد جي تربيت سميت جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي اختيار ڪري بيمارين سان ٿيندڙ فوتگين کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته طبي شعبي سان واڳيل ماڻهو اخلاقيات ۽ انساني قدرن کي نظر ۾ رکن، غذائيت جي کوٽ ۽ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ پڻ قدم لازمي آهن. هن چيو ته مصنوعي ذهانت (اي آئي) سان ميڊيڪل سائنس ۾ تمام گهڻيون تبديليون اچي رهيون آهن، جديد ٽولز ۽ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ سان گڏوگڏ روين ۾ تبديلي کانسواءِ ريسرچ ۽ ڊيولپمينٽ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته آءِ ٽي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان بيمارين تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. صدر صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ ڊيٽا جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته ماڻهن تائين ٽيڪنالاجي جي ذريعي پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته قدرتي آفتن دوران ماڻهن همدرديءَ کان ڪم ورتو، ڪورونا جي وبا دوران پاڪستان مثالي ڪم ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جي لاءِ آفريقي مارڪيٽ ۾ تمام گهڻا موقعا آهن، اي آئي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اسان جي اپروچ مناسب نه آهي، فيصلاسازي جي غلطين ۽ ڪرپشن جهڙا مسئلا درپيش آهن. صدر چيو ته عالمي حدت جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ نه رڳو حڪومتي پر انفرادي سطح تي پڻ ڪوششن جي ضرورت آهي، صحت جي معاملي ۾ احتياط بهترين شيءَ آهي، ڪيوبا صحت جي سهولتن جي معاملي ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، پاڪستان جي نظام ۾ تمام گهڻيون ڪمزوريون آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪ جي آبادي ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، ان جي لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، فارما انڊسٽري کي ملڪ جي وڌندڙ آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ جي لاءِ خانداني منصوبابندي جي مصنوعات کي تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته صحت جي شعبي جي بهتري لاءِ چيمبر بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي)، هلال احمر، گرل گائيڊز ۽ بوائي اسڪائوٽس کي تعليمي ادارن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي شروعاتي طبي امداد جي تربيت جو اهتمام ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ ميڊ هيلٿ ايڪسپو جي چيئرمين عثمان شوڪت، راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر ثاقب رفيق ۽ آر سي سي آئي جي گروپ ليڊر سهيل الطاف پڻ تقريب کي خطاب ڪيو. صدر ان موقعي تي صحت جي شعبي ۾ نمايان ڪردار تي مختلف شخصيتن ۾ اعزازي شيلڊز پڻ ورهايون. تقريب ۾ راولپنڊي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن، طبي ماهرن ۽ دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنين جي سي اوز ۽ نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.