آڪلينڊ _ 15 آگسٽ (اي پي پي ) نيوزيلينڊ جي ٽيم هلندڙ مهيني جي آخر ۾ انگلينڊ جو دورو ڪندي ۽ پنهنجي انگلينڊ جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف 4 ٽي ٽونٽي ۽ 4 ون ڊي ميچون کيڏندي . ڪيويز پنهنجي انگلينڊ جي دوري جي شروعات 30 آگسٽ تي پهرين ٽي ٽونٽي ميچ سان ڪندي . نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ (اين زيڊ سي ) جي پڌرائي مطابق چار ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ 8 سيٽمبر تي ڪارڊف ۾ کيڏندي .