اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جيڪا به حڪومت اچي معاشي بهتري جو ڪم پروگرام هر حال ۾ جاري رهڻ گهرجي، سڀاڻي اربع ڏينهن اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي ڇڏيندس، چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، اسان چاهيون ٿا ته چونڊون جلد ٿين ته جيئن عوام نئين حڪومت جي چونڊ ڪري سگهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاري مڪافات عمل آهي، گڏيل ڪوششن سان ملڪ کي ٻيهر رستي تي آڻڻو پوندو، غربت ختم ڪرڻ جي لاءِ وقت جي گهرجن موجب منصوبا جاري ڪرڻا پوندا، توشه خانه جا تحفا نيلام ڪري ان مان حاصل ٿيندڙ آمدني غريب ۽ لاچار شهرين تي خرچ ٿيندي. پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ايسوسيئيشن، اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي جي وفدن سان ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته جڏهن اسان کي اقتدار مليو ته ان وقت مشڪل حالتن جو اندازو هو پر ان جي سنگيني جو پوري طرح ادراڪ نه هو، اقتدار سنڀالڻ کانپوءِ خبر پئي ته حالتون ڪيتريون خراب آهن، بدقسمتي سان گذريل چار سال قوم جي خدمت بدران سياسي مخالفن کي بدنام ڪرڻ جي لاءِ ضايع ڪيا ويا، دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب ٿيا، تڪبر ۽ حڪم ڏيڻ واري انداز جي شڪايت انهن ملڪن ڪئي، اسان 16 مهينن ۾ پاڪستان جي ساک کي بحال ڪيو، آءِ ايم ايف جي امتحان ۾ اسان ڪامياب نه ٿيون ها جيڪڏهن دوست ملڪن سان اسان جا لاڳاپا صحيح نه هجن ها. هن چيو ته گذريل 75 سالن ۾ اسان جي گورننس ۾ تمام گهڻي خرابي پيدا ٿي چڪي آهي، بيوروڪريسي ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو به ڊنل آهن، ڪنهن هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪرڻ جي کوٽ آهي. وزيراعظم چيو ته گذريل چار سال جي چور، ڌاڙيل جي بيانيي کان پنهنجي نوجوانن کي بچائڻو پوندو، بري وقت کان ڊڄڻ گهرجي، اهو مڪافات عمل آهي جيڪو عمران خان جي خلاف ٿيو، اسان جي خلاف جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، اسان کي پنهنجي 16 مهينن ۾ ملڪ کي درپيش مسئلن کي منهن ڏيڻ مان ئي فرصت نه هئي. هن چيو ته گڏيل ڪوششن سان ئي قوم کي گڏ ڪري سگهجي ٿو، تڏهن ئي قوم اڳتي وڌندي، اسان کي پاڪستان جي تقدير بدلائڻي آهي، پاڻڀرائپ، خوشحالي آڻڻي آهي، قرض کان قوم کي ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، ان ۾ پي بي اي، اي پي اين ايس ۽ سي پي اين اي جو اهم ڪردار آهي. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ٿي وڃي ها ته انڊسٽري جي چمنين مان دونهون نڪرڻ بند ٿي وڃي ها، پيٽرول جي لاءِ لائينون لڳل هجن ها، اسان جي دوست ملڪن فنڊز کي آءِ ايم ايف معاهدي سان مشروط ڪيو هو ته ان سان معاملا طئي ڪريو. وزيراعظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان جو معاهدو ٿي چڪو آهي، هاڻي اهو نگران يا ايندڙ حڪومت تي آهي ته رياست کي بچائي ان کي مضبوط ڪرڻو آهي يا نه، پاڪستان ۾ پيداوار بدران ٻاهران شيون ئي گهرائڻيون آهن يا پنهنجي پيداوار تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام دوران 9 مهينن تائين ڪا سبسڊي نه ٿا ڏئي سگهون، جاپان سميت ٻيا ترقي يافته ملڪ هر شيءَ درآمد ڪرڻ جي باوجود اسان کان تمام گهڻو اڳتي آهن، اسان وٽ وسيلا بي پناهه آهن پر ڪم نه ڪرڻ جي ڪري اسان مسئلن جو شڪار آهيون، جيڪڏهن اسان ڪم ڪرڻ جو فيصلو ڪري وٺون ته پاڪستان خوشحال ٿي ويندو. هن چيو ته دوست ملڪ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، اهي ان جي لاءِ فزيبلٽي ۽ منصوبا آڻڻ جي گهرج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته موجوده حڪومت پنهنجو ويزن ڏئي ڇڏيو آهي، سعودي عرب کان معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري تي اربين ڊالر لڳائڻ لاءِ سيڙپڪار تيار آهن، اهو پروگرام پاڪستان جي معاشي بحالي جو پروگرام آهي، اهو گيم چينجر منصوبو آهي. وزيراعظم چيو ته اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس (سڀاڻي) اربع ڏينهن صدر کي موڪلي ڇڏيندس، جيڪڏهن اسان محنت ڪريون ته 10 سالن ۾ پاڪستان کي قرض جي لعنت کان ڇوٽڪارو ملي ويندو ۽ اهو پنهنجي پيرن تي بيهي رهندو. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل سان ملڪ ۾ معاشي انقلاب ايندو، ڪروڙين ماڻهن کي نوڪريون ملنديون، ديامير ڀاشا ڊيم سان لکين ايڪڙ زمين سيراب ۽ سستي بجلي حاصل ٿيندي، ان ڊيم تي ڪير سيڙپڪاري ڪري ٿو ته ڊيم هتي ئي رهڻو آهي ان کي ڪير منتقل نه ٿو ڪري سگهي، اسان کي نئين دور جي گهرجن جا منصوبا آڻڻا پوندا. هن چيو ته پاڪستان وٽ وقت ضايع ڪرڻ جو ڪو موقعو نه آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل اتفاق راءِ سان ڊيجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسان پنهنجو فرض ادا ڪري ڇڏيو آهي، سڀاڻي اسان هليا وينداسين، ان کانپوءِ اليڪشن ڪميشن کي فيصلو ڪرڻو آهي، ان ڳالهه تي مڪمل اتفاق آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي چونڊون ٿين ۽ عوام جي مينڊيٽ سان نئين حڪومت اچي. وزيراعظم چيو ته توشه خانه ۾ پيل سمورا تحفا نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪريان ٿو جڏهن ته ان نيلامي ۾ يتيم ۽ يتيمن جي ڪفالت ڪندڙ ادارا حصو وٺي سگهندا. وزيراعظم وفد کي چيو ته اهي قوم کي گڏ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، ميڊيا جي هڪ سيڪشن هڪ شخص کي فرشتو بڻائي ڇڏيو، اهو سودو قوم کي تمام گهڻو مهانگو پئجي رهيو آهي، ان سان ملڪ کي نقصان ٿي رهيو آهي.