فلوريڊا_09 آگسٽ(اي پي پي)ويسٽ انڊيز ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ پنجن ميچن تي مشتمل سيريز جي چوٿين ٽي 20 عالمي ڪرڪيٽ ميچ 12 آگسٽ تي سينٽرل بروورڊ ريجنل پارڪ اسٽيڊيم ٽرف گرانڊ، لارڊ رهل ، فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي، ميزبان ويسٽ انڊين ٽيم کي مهمان ڀارتي ٽيم خلاف پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2_1 جي سرسي حاصل آهي، ڀارتي ٽي 20 اسڪواڊ جي اڳواڻي نالي وارو آل رائونڊر هرديڪ پانڊيا جڏهن ته مخالف ٽيم جي اڳواڻي رومين پائول ڪندو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي 20 ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ 12 آگسٽ جڏهن ته پنجين ۽ آخري ٽي 20 ميچ 13 آگسٽ تي سنيٽرل بروورڊ ريجنل پارڪ اسٽيڊيم ٽرف گرانڊ، لارڊ هل فلوريڊا ۾ کيڏي ويندي.