اسلام آباد – 08 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي لاءِ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد ۽ انهن منصوبن جي تيز رفتار اڳڀرائي ۾ فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ راولپنڊي ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو اهم ڪردار آهي، انهن منصوبن سان ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي، ڀرپاسي علائقن جي رهواسين جي اچ وڃ ۾ آساني ۽ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ روزگار جي لاءِ روزانو سفر ڪندڙن جي لاءِ سهولت پيدا ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. وزيراعظم جي افتتاح ڪيل منصوبن ۾ پي ڊبليو ڊي کان ٽي چوڪ تائين اسلام آباد ايڪسپريس وي جي توسيع ۽ بحالي جي پيڙهه جو پٿر، راولپندي رنگ روڊ جي پيڙهه جو پٿر ۽ اسلام آباد ايڪسپريس وي انٽرچينج جو افتتاح سرفهرست آهن. وزيراعظم چيو ته انهن منصوبن سان ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي، ڀرپاسي علائقن جي رهواسين جي اچ وڃ ۾ آساني ۽ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ روزگار جي لاءِ روزانو سفر ڪندڙن جي لاءِ سهولت پيدا ٿيندي.