سکر – 08 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آندو آهي، ٽي وڏيون اسپتالون واپس ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورا مڃون ٿا، سنڌ جي هر ضلعي ۾ صحت جا وڏا ادارا قائم ڪنداسين، ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪارڪنن سان گڏجي چونڊ مهم شروع ڪندس. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ٻن وڏين اسپتالن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، وفاقي ۽ صوبائي وزير پڻ موجود هئا. بلاول ڀٽو زرداري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سنڌ جون ٽي وڏيون اسپتالون وفاق کان واپس ورتيون آهن، وزيراعظم شهباز شريف جا ٿورائتا آهيون جنهن سنڌ حڪومت کي اسپتالون واپس ڪيون. هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ صحت جي شعبي ۾ انقلاب کڻي آئي آهي، سنڌ ۾ ڪراچي کان وٺي ڪشمور تائين اهڙا ادارا بيهارينداسين جتي عالمي معيار جي طبي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، انهن اسپتالن ۾ نه رڳو سنڌ پر ٻين صوبن جا ماڻهو به اچي فائدو کڻندا، صحت جي حوالي سان سنڌ ۾ ڊاڪٽر اديب رضوي جو فلسفو پيپلزپارٽي جو منشور آهي. اهڙي طرح جو ڪم پوري ملڪ ۾ ٿيڻ گهرجي. اسان ان خواب کي پورو ڪنداسين. هن چيو ته ٽن ڏينهن کانپوءِ آئون پنهنجي ڪارڪنن وٽ پهچي ويندس ۽ انهن سان گڏجي اسان چونڊ مهم شروع ڪنداسين.