هيملٽن – 02 آگسٽ(اي پي پي) فيفا ويمنز ورلڊ ڪپ ۾ سوئيڊن ارجنٽائن کي ۽ ڏکڻ آفريقا اٽلي جي عورتن جي کي هارائي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون. فيفا جي انتظام هيٺ عورتن جي عالمي فٽبال ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ جاري آهن. اربع ڏينهن کيڏي ويل گروپ جي جي ميچ ۾ سوئيڊن ۽ ارجنٽائن جون ٽيمون وائيڪاٽو اسٽيڊيم، هيملٽن وٽ آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ سوئيڊن جي ٽيم شاندار راند پيش ڪندي حريف ارجنٽائن جي ويمن ٽيم کي 0-2 گول کان هارايو. ان فتح سان ئي سوئيڊن جي ٽيم ميگا ايونٽ جي ٽاپ 16 رائونڊ ۾ پهچي وئي جتي ان جو مقابلو دفاعي چيمپئن آمريڪا سان ٿيندو. گروپ جي جي هڪ ٻي ۾ ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ۽ اٽلي جي ٽيمن ويلنگٽن ريجنل اسٽيڊيم، ويلنگٽن ۾ کيڏي جنهن ۾ ڏکڻ آفريقا جي ٽيم انتهائي سخت مقابلي بعد اٽلي جي ٽيم کي 2 جي مقابلي ۾ 3 گول سان هارائي ميفا ايونٽ جي پري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو.