برسين – 26 جولاءِ(اي پي پي) فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا جي انتظام هيٺ ويمنز ورلڊ ڪپ 9هون ايڊيشن ۾ اڄ (خميس تي) وڌيڪ 3 ميچن جو فيصلو ٿيندو. پهرين ميچ ۾ آسٽريليا ۽ نائيجريا، ٻي ميچ ۾ دفاعي چيمپئن آمريڪا ۽ نيدر لينڊز جڏهن ته ٽئين ميچ ۾ پرتگال ۽ ويتنام جون عورتن ٽيمون مدمقابل هونديون. فيفا جي اهتمام هيٺ عورتن جي عالمي فٽبال ورلڊ ڪپ جا دلچسپ مقابلا آسٽريليا ۽ نيوزي لينڊ ۾ جاري آهن.