واشنگٽن – 24 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان تعليمي پروگرام تحت آمريڪا جو دورو ڪندڙ 25 پاڪستاني شاگردن تي ٻڌل گروپ تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وسعت ڏيڻ ۽ نئين معلومجات حاصل ڪرن جي لاءِ ان تعليمي پروگرام کي هڪ موقعي طور استعمال ڪن. اسٽڊي آف يو ايس انسٽيٽيوٽس (ايس يو ايس آئي) پروگرام جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مختلف ثقافتن وارن ماڻهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. پنجن هفتن تي ٻڌل اهو ساليانو پروگرام 2010ع ۾ شروع ڪيو ويو، پاڪستاني سفير چيوت ه 1950ع جي ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين تعليم جو شعبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط رابطي جو ذريعو رهيو آهي. هن شاگردن سان ملاقات دوران کين واڌايون ڏيندي چتو ته سندن چونڊ اسان جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهو معلومات ۽ مهارتن جي مٽاسٽا وارو عمل آهي ۽ اوهان هتان حاصل ٿيندڙ قدر جوڳي معلومات پنهنجي ملڪ کڻي ويندو. هن چيو ته دانشوراڻين صلاحيتن جي ڪا حد نه هوندي آهي، اوهان جنهن ماحول ۾ ڪم ڪندا آهيو، اوهان جا ساٿي اوهان جي تجربي مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪندا.