هراري -02 جولاءِ (اي پي پي) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊڪپ جي سپر سڪس مرحلي ۾ (اڄ) سومر ڏينهن واحد ميچ نيڌرلينڊ ۽ اومان هراري ۾ کيڏي ويندي. آءِ سي سي جي انتظام هيٺ ورلڊ ڪپ ڪواليفائر جا دلچسپ مقابلا زمبابوي ۾ جاري آهن. ميگا ايونٽ ۾ اڄ نيڌرلينڊ ۽ اومان جون ٽيمون هراري اسپورٽس ڪلب ۾ آمهون سامهون ٿينديون. سپر سڪس مرحلي ۾ نيڌر لينڊ جي ٽيم 2 پوائنٽن سان چوٿين نمبر تي جڏهن اومان اڃا تائين ڪا به ميچ ناهي کٽي.