ڍاڪا -13 جون (اي پي پي) بنگلاديش ۽ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ واحد ٽيسٽ ميچ (اڄ) اربع کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ شروع ٿيندي، افغانستان جي ٽيم بنگلاديش جي دوري تي آيل آهي ۽ مهمان ٽيم پنهنجي بنگلاديش جي دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف واحد ٽيسٽ کان علاوه 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي. بنگلاديش جي ٽيم جي ٽيسٽ ميچ ۾ قيادت لٽن داس ڪندو جڏهن ته افغانستان جي ٽيم جي اڳواڻي هشمت الله شهيدي ڪندو. واحد ٽيسٽ ميچ بعد ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن جي سيريز ترتيبوار 5 ، 8 ۽ 11 جولاءِ تي کيڏي ويندي. ون ڊي سيريز جون ٽئي ميچون ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽوگرام ۾ کيڏيون وينديون. جڏهن ته ٽي ٽوئنٽي جون ٻئي ميچون سلهٽ ڊسٽرڪٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.