بيجنگ- 02 جون (اي پي پي) چين تائيوان جي ٻيهر اتحاد تي پنهنجو موقف واضح ڪندي چيو آهي ته هو تائيوان جي چين سان پرامن اتحاد جون انتهائي مخلصاڻيون ڪوششون جاري رکندو پر هو ان مقصد لاءِ تائيوان جي حڪومت خلاف طاقت جي استعمال جي حق کان هٿ نه کڻندو. چيني اخبار سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي رپورٽ موجب چيني دفاع واري وزير لي شانگ فو واضح ڪيو ته سندن ملڪ تائيوان جو پاڻ سان ٻيهر اتحاد لاءِ طاقت جي استعمال جي حق کي هر گز ختم نه ڪندو. هوڏانهن روسي خابرو اداري پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته چيني دفاع واري وزارت تائيوان جي معاملي ۾ پرامن مفاهمت جي اميد جو اظهار ڪيو پر گڏ ئي ان معاملي ۾ غير ملڪي مداخلت جي خلاف خبردار پڻ ڪيو. چيني دفاع واري وزارت جي ترجمان ٽين ڪيفي چيو ته اسان تائيوان جي حڪمران پارٽي ڊيموڪريٽڪ پروگريسو پارٽي جي عملدارن طرفان تائيوان جي آزادي لاءِ پرڏيهي حمايت حاصل ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين ۽ نه ئي اسان پرڏيهي طاقتن طرفان تائيوان کي چين تي ضابطو آڻڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪنهن ڪوشش کي برداشت نه ڪنداسين.