اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ساڙڻ، گهيراءُ ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته فوجي ٺڪاڻن ۽ عوامي ملڪيتن جي حرمت ۽ وقار جي خلاف ورزي قطعي طور برداشت نه ڪئي ويندي ۽ 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. فورم سياسي اختلافن کي ڇڪتاڻ بدران جمهوري قدرن موجب ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، ٽنهي سروسز جي چيفس، سلامتي سان لاڳاپيل ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم آفيس پاران جاري پڌرائي موجب اجلاس ورجاءُ ڪيو ته ملڪ ۾ تشدد ۽ شرپسندي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ”زيرو ٽالرنس“ جي پاليسي اختيار ڪئي ويندي. اجلاس 9 مئي جو ڏينهن قومي سطح تي ڪاري ڏينهن طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن پاڪستان جي هٿياربند فوج سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن ذاتي مفادن ۽ سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جي لاءِ ساڙڻ ۽ گهيراءُ ڪرڻ ۽ فوجي ٺڪاڻن تي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته فوجي ٺڪاڻن ۽ عوامي ملڪيتن جي حرمت ۽ وقار جي خلاف ورزي قطعي طور برداشت نه ڪئي ويندي ۽ 9 مئي جي سانحي ۾ ملوث سمورن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اجلاس آئين موجب لاڳاپيل قانونن بشمول پاڪستان آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ٽرائل ذريعي شرپسندن، منصوبي سازن، اشتعال تي اتساهيندڙن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف ڪيس داخل ڪري انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي فيصلي جي پڻ تائيدڪ ئي. فورم واضح ڪيو ته ڪنهن به ايجنڊا تحت فوجي ٺڪاڻن ۽ جاين تي حملو ڪندڙن جي خلاف ڪا رعايت نه ڪئي ويندي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو. اجلاس سوشل ميڊيا جي قاعدن ۽ ضابطن جي سختي سان لاڳو ڪرڻ ۽ قانونن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن ٻاهرئين سرپرستي ۽ داخلي سهولتڪاري سان ڪيل پروپئگنڊه جو تدارڪ ڪري سگهجي ۽ ان ۾ ملوث عنصرن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سگهجي. اجلاس عالمي سياسي ڪشمڪش ۽ دشمن قوتن جي عدم استحڪام جي پاليسين جي ڪري وڌندڙ مشڪل جيو اسٽريٽجڪ ماحول ۾ قومي اتحاد ۽ ٻڌيءَ تي زور ڏنو. فورم سياسي اختلافن کي ڇڪتاڻ بدران جمهوري قدرن موجب ڳالهين جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.