اسلام آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 9 مئي تي حساس قومي ٺڪاڻن تي حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته شرپسندن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، عبرتناڪ مثال قائم ڪرڻ جي لاءِ ڏوهارين جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن ڪير به مستقبل ۾ اهڙا واقعا ورجائڻ جي همت نه ڪري سگهي، انهن ڪڌن ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي بخش نه ڪرڻ گهرجي، ڪنهن سان زيادتي ظلم جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي پر ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان جي بچي نڪرڻ جو به سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته 9 مئي تي پيش ايندڙ واقعن سان پاڪستان کي شرمندگي کڻڻي پئي، 9 مئي هڪ انتهائي المناڪ ڏينهن هو ۽ هڪ ڪاري ڏينهن طور ياد رکيو ويندو جيڪو ڪروڙين پاڪستانين کي ڏکويل ڪري ويو ۽ پوري عوام، اسان جون مائرون، ڀينرون، بزرگ، ٻار، هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو انتهائي ڏک ۽ ڪاوڙ جي صورتحال ۾ آهن. هن چيو ته اڄ جو اجلاس انهي ڏس ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اسان اڄ اهو سوچڻ تي مجبور آهيون ته اهو ڪهڙو نظريو هو، ڪهڙو شخص هو يا ڪهڙو جٿو هو جنهن پاڪستان سان والهاڻي محبت کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن جناح هائوس جيڪا عمارت نه هئي پر ان تي رت سان تاريخ لکيل هئي، اتي جيڪي سپوت رهندڙ هئا جيڪي پاڪستان جي حفاظت ڪندا هئا ان کي تباهه ۽ برباد پر ڦلهيار ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته آئون جڏهن اتي ويس ته يقين نه آيو ڇو جو اکين اهڙي صورتحال اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺي هئي، آئون سمجهان ٿو ته جيڪي به ماڻهو ان منصوبابندي ۾ شامل هئا جن انهن جٿن کي ڀڃ ڊاهه ۽ باهه لڳائڻ تي مجبور ڪيو ۽ جن اها تباهي آڻيندڙ ڪارروائي ڪئي اهي يقينن دهشتگردي جي زمري ۾ اچن ٿا. هن چيو ته اسان جو ازلي دشمن 75 سالن کان ان ڪڌي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيو جيڪو ڪم اهو جٿو ڪري ويو جنهن جي جيتري به مذمت ۽ جيترو به ڏک ۽ ڪاوڙ ڪئي وڃي، گهٽ آهي ڇو ته اهي 65ع جي جنگ هجي، اهي ضرب عضب هجي، اهي امن امان قائم ڪرڻ جا منصوبا هجن، اهو آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جو سانحو هجي جتي 100 کان وڌيڪ ٻار ۽ استاد شهيد ڪيا ويا، اهي جن پاڪستاني سرحدن کي محفوظ ڪرڻ جي لاءِ ديواني وانگر شهادت ماڻيندي ڪروڙين مائرن ۽ ٻارن کي، بزرگن کي سڪون فراهم ڪيو انهن سپوتن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ حملا ڪيا ويا. هن چيو ته جي ايڇ ڪيو، ميانوالي جي ايئربيس، فيصل آباد ۾ آءِ ايس آءِ جي آفيس ۽ ايف سي اسڪول ۾ تباهي ڪئي وئي. هن سوال ڪيو ته 75 سالن ۾ پاڪستان ۾ جيتريون به خراب حالتون ٿيون ڪنهن اک اهڙو اڻوڻندڙ ۽ ڪڌو منظر نه ڏٺو هو. هن چيو ته اسان کي ان سڄي صورتحال جو جائزو وٺڻو پوندو، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ۽ حڪومت هڪ ٻئي کان جدا نه آهن ۽ پنهنجي فوج سان مڪمل وابستگي جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان ڪڌي حرڪت جي ڀرپور مذمت ڪن ٿا، جن وطن جي خاطر پنهنجون جانيون قربان ڪيون انهن سان اهو ڪڌو فعل ڪيو ويو، انهن جون گهرواريون بيواهه ٿيون، ٻار يتيم ٿي ويا ۽ انهن جي والدين جا ڳوڙها خشڪ نه ٿي سگهيا، اسان ڇا به ڪريون پر انهن شهيدن جو قرض نٿا لاهي سگهون، انهن سان جيڪو ٿيو دشمن به نه ڪري سگهيو. وزيراعظم چيو ته هن انهن ڏوهارين کي 72 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪري انهن جي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي. مون لاهور ۾ به اهو چيو هو ته منصوبابندي ڪندڙ، شرپسندن کي اتساهيندڙ ۽ انهن کان پنهنجي سامهون انهن گهرن کي باهه لڳرائيندڙ ۽ نوادرات کي نقصان پهچائيندڙ، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي ڪندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، انهن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻو پوندو، جيڪڏهن وزيراعظم به ڪنهن کي ڇڏڻ جو چوي تڏهن به رڳو قانون جي پيروي ڪئي وڃي جڏهن ته بيگناهه ماڻهن کي ڪنهن به صورت ۾ تنگ نه ڪنداسين. شهباز شريف برطانيا ۾ اکين ڏٺي انصاف جو مثال ڏيندي چيو ته برطانيا جي تاريخ ۾ گناهگارن جي لاءِ راتين جو عدالتون لڳيون ۽ ڏوهارين کي سخت کان سخت سزا ڏني وئي، هاڻي ملڪ جي 22 ڪروڙ عوام جو مطالبو آهي ته جيڪي بيگناهه آهن انهن کي هٿ نه لڳايو وڃي ۽ جيڪي گناهگار آهن انهن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن وري قيامت تائين اهڙو واقعو وري نه ٿئي ۽ پاڪستان جي طرف ڪو به ميري اک سان نه ڏسي. هن چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جو هي اجلاس پنهنجي پاڪ فوج سان ڀرپور وابستگي جو اظهار ڪري ٿو، انهن سمورن واقعن جي شديد مذمت ڪري ٿو ۽ قانون ۽ آئين موجب قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، ڪنهن سان زيادتي ظلم جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي پر ڪنهن ڏوهه ڪيو آهي ته ان جي بچي نڪرڻ جو به سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، اسان کي قانوني، آئيني ۽ انتظامي لحاظ کان اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن قيامت تائين اهڙو واقعو نه ٿئي جنهن جي ڪري ڪروڙين ماڻهو اڄ به ڏکويل آهن ۽ پاڪستان جي دنيا ۾ شرمندگي ٿي آهي.