جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به برساتن ۽ ٻوڏ جو پاڻي موجود آهي ۽ سردي جي موسم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب آهي، شمسي توانائي جي 10 هزار ميگاواٽ جي منصوبي سان نه رڳو ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي، پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪي گڏيل عزت ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ عالمي ترقي جي آمريڪي اداري (يو ايس ايڊ) جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر ازابيل ڪول مين سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ وزيراعظم آمريڪي حڪومت، يو ايس ايڊ ۽ آمريڪي عوام جا ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اڃا به برساتن ۽ ٻوڏ جو پاڻي جمع آهي ۽ سردي جي موسم ٻوڏ متاثرين جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب آهي. وزيراعظم حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ تفصيلي روشني وڌي. وزيراعظم چيو ته حڪومت مستقبل ۾ پاڪستان ۾ سمارٽ ايگريڪلچر ۽ پائيدار ترقي تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت زراعت جي شعبي ۾ جدت آڻي آبادگارن کي خوشحال ۽ ملڪ جي لاءِ پرڏيهي ناڻي جو ذريعو بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان جي شروعات وفاقي حڪومت جي عمارتن سان ڪئي پئي وڃي. ان منصوبي سان نه رڳو ٻارڻ جو درآمدي بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت ۽ ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم آمريڪا پاڪستان لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي نئين دور جي شروعات ٿي چڪي آهي جيڪي گڏيل احترام ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل آهن. هن چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جنگ آمريڪا ۽ پاڪستان جو گڏيل نصب العين آهي ۽ پاڪستان ان بابت واضح موقف رکي ٿو. وزيراعظم يو ايس ايڊ جي پاڪستان ۾ صحت، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي ۾ اڻٿڪ خدمتن کي ساراهيو. ازابيل ڪول مين وزيراعظم کي يو ايس ايڊ پاران پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي مدد لاءِ قدمن، جنيوا ۾ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ اعلان ڪيل 100 ملين ڊالر جي وڌيڪ امداد ۽ مستقبل ۾ پاڪستان سان ڀرپور تعاون جي خواهش کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم يو ايس ايڊ جي ايڊمنسٽريٽر سماٿا پاور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ ان جي ٻوڏ س ٽيلن جي مدد لاءِ ڪوششن کي ساراهيو.