اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جنيوا ۾ چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن لوزو هوئي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم چين جي حڪومت ۽ چيني عوام جو پاڪستاني ٻوڏ سٽيلن جي امداد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي ۽ چين جي پاڪستان جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ان دوستي جو واضح ثبوت آهي. چين تازي دور ۾ زراعت، انفراسٽرڪچر، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي ۽ سي پيڪ چين پاڪستان تعاون ۽ دوستي کي نئين بلندين تائين پهچائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ ۾ نه رڳو چيني حڪومت پر چيني ڪمپنين ۽ چيني عوام پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي درد کي سمجهيو جيڪو پاڪستاني قوم ڪڏهن وساري نه ٿي سگهي. وزيراعظم ايم ايل ون ۽ ڪراچي سرڪلر ريلوي منصوبن تي جلد ڪم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ ان جي پاڪستان جي لاءِ اهميت تي روشني وڌي. وزيراعظم ملاقات ۾ حڪومت جي 10 هزار ميگاواٽ سولرائيزيشن منصوبي بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته درآمدي ٻارڻ تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن جي چيئرمين وزيراعظم کي چين پاران ٻوڏ سٽيلن جي امداد جي هر ممڪن خاطري ڪرائي جنهن جي وزيراعظم آجيان ڪئي. وزيراعظم چيني صدر شي جن پنگ کي پاڪستان اچڻ جي دعوت جو پيغام موڪليو ۽ چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام چيني صدر جي پاڪستان اچڻ جي منتظر آهي.