جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي موسمياتي تبديلين بابت ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ عالمي مالياتي ۽ امدادي ادارن ۽ ترقياتي حصيدارن 10 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. جنيوا سوئيٽزرلينڊ ۾ پاڪستان ۽ گڏيل قومن جي گڏيل ميزباني ۾ ڪانفرنس دوران اهو وڏو واعدو ڪيو ويو، ان امداد ۾ اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ پاران 4 ارب 20 ڪروڙ ڊالر، عاليم بئنڪ 2 ارب ڊالر، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ڏيڍ ارب ڊالر، ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ کان هڪ ارب ڊالر ۽ سعودي عرب پاران هڪ ارب ڊالر شامل آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف جنيوا ڪانفرنس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير فريم ورڪ (4 آر ايف) کي تفصيلي طور تي بيان ڪيو جيڪو موسمياتي عزم ۽ جامعيت تي ٻڌل بحالي ۽ نئين سر تعمير جي گهڻ رخي حڪمت عملي آهي. وفد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب شامل هئا. ڪانفرنس جي پڄاڻي سيشن کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن مجموعي طور تي 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ امداد ۽ ٻين صورتن ۾ مدد ۽ تعاون جو واعدو ڪيو آهي، ٻوڏ متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ ڊگهي حصيداري ضروري آهي، انفراسٽرڪچر جي بحالي پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ جي ذريعي ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سان 3 ڪروڙ ماڻهو متاثر ٿيا آهن، ٻوڏ سان بيٺل فصل ۽ انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو آهي. جون 2022ع کان شديد برساتن ۽ ٻوڏ سان وڏي پئماني تي تباهي ٿي، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته 20 لک گهر، ڪيترائي اسڪول ۽ اسپتالون تباهه ٿي ويا. ان سان غربت ۾ اضافو ٿيندو ۽ 9.1 ملين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ هليا ويندا. هن چيو ته عالمي برادري پاڪستان سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي، جنيوا ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرينجي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ هر ممڪن تعاون جو يقين ڏياريو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ 16 ارب ڊالر جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي. هن چيو ته اميد آهي ته جنيوا ڪانفرنس ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ جي ڪري سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، سنڌ ۾ ٻوڏ سان نقصانن جو ڪاٿو 9 ارب ڊالر آهي، ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ قدمن جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته سنڌ جي عوام سان عالمي برادري جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ٿورائتا آهيون، اميد آهي ته عالمي برادري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پنهنجي مدد جاري رکندي. هن چيو ته مشڪل جي گهڙيءَ ۾ مدد ڪندڙ ملڪن ۽ ادارن جا ٿورائتا آهيون، ڏيڍ ڪروڙ ٻوڏ متاثرين کي فوري مدد جي ضرورت آهي، ٻوڏ سان تعليمي ادارن، اسڪولن ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي جن جي بحالي ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. بلوچستان جي چيف سيڪريٽري عبدالعزيز عقيلي چيو ته بلوچستان ۾ ٻوڏ 30 سالا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ڪانفرنس کي خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير تيمور ظفر جهڳڙا پڻ خطاب ڪيو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ٿيندڙ ٻوڏ جي نقصانن کان آگاهه ڪيو. ڪانفرنس جي ٽئين سيشن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پڻ موجود هو جڏهن ته ان سيشن ۾ ٻين صوبن مان سياسي پارٽين جا نمائندا به شريڪ ٿيا.