جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جنيوا ۾ برطانيا جي ڊيولپمينٽ واري مملڪتي وزير اينڊرو مچل ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ برطانيا پاران هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم برطانيا حڪومت ۽ برطانوي ٽيڪس ڏيندڙن جا پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي امداد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته تازي ٻوڏ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ڪئي جنهن سان زراعت، ماڻهن جي روزگار ۽ معيشت کي شديد نقصان پهتو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام برطانيا جهڙن دوست ملڪن جا ٿورائتا آهن جيڪي مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهن. وزيراعظم پاڪستان حڪومت جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ قدمن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم ڊفيڊ پاران پاڪستان جي صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي ساراهيو. اينڊرو مچل وزيراعظم کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۾ برطانيا پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.