اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار عالمي مالياتي فنڊ جي پروگرام کي مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. ناڻي واري وزير اها ڳالهه جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي عنوان سان منعقد عالمي ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف مشن جي چيف ناٿن پورٽر سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ علائقائي معيشتن جي لاءِ پيدا ٿيندڙ چئلينجن جو جائزو ورتو ويو. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي پروگرام کي مڪمل ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم کي ورجايو.