جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار تازي شديد ٻوڏ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪستان جي فني ۽ مالي مدد تي عالمي بئنڪ جا ٿورا مڃيا آهن. ناڻي واري وفاقي وزير جنيوا ۾ ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي سائيڊ لائين تي ڏکڻ ايشيا جي لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر مارٽن ريزر سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير عالمي بئنڪ جي نائب صدر کي پاڪستان ۾ تازي بدترين ٻوڏ سان ٿيندڙ نقصانن ۽ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان ٻوڏ کان متاثر علائقن ۽ عوام جي امداد ۽ نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ پرعزم آهي. هن عالمي بئنڪ جي نائب صدر کي پائيدار اقتصادي واڌويجهه ۽ ڪلي معيشت جي استحڪام لاءِ کنيل قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته پائيدار اقتصادي واڌويجهه، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قدم حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهن. هن عالمي بئنڪ جي نائب صدر کي مختلف شعبن ۾ ڍانچاجاتي سڌارن کان پڻ آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ عالمي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته عالمي بئنڪ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدار آهي جنهن سدائين مشڪل وقت ۽ حالتن ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. عالمي بئنڪ جي نائب صدر ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي منصوبن ۾ عالمي بئنڪ جي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي.