اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته جنيوا ڪانفرنس جي ٻئي سيشن ۾ ترقياتي حصيدار ٻيهر نئين سر تعمير جي لاءِ گڏيل تعاون جا طريقا ڳولي رهيا آهن، ايشين انفراسٽرڪچر بئنڪ موسمي اثرن جي حوالي سان بهتر انفراسٽرڪچر جي تعمير جي لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڀائر ملڪ سعودي عرب بحالي جي مشڪل ڪم ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ هڪ ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي.