اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي صحت جي وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو ته ٻوڏ متاثرن کي صحت جي سهولت جي فراهمي لاءِ پر عزم آهي ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ روزاني جي بنيد تي 16 هيلٿ ڪيمپون هنيون پيون وڃن. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا ، سنڌ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ 47 هيلٿ ڪيمپس منعقد ڪيون ويون خربر پختونخوا جي 8 ضلعن ۾ 16 هيلٿ ڪيمپس هنيون ويون پنجاب جي ٻن ضلعن ۾ 14 هيلٿ ڪيمپس هنيون ويون آهن سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 13 هيلٿ ڪيمپس جو انعقاد ڪيو ويو مجموعي طور تي 5574 مريضن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي عبدالقادر پٽيل چيو ته پنجن سالن کان گهٽ عمر 1084 ٻارن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي هن چيو ته هيلٿ ڪيمپس ۾ 625 ٻارن کي پوليو جي حفاظتي قطرا پياريا ويا جڏهن ته هيلٿ ڪيمپس ۾ 262 ٻارن کي حفاظتي ٽڪا به هنيا ويا.