
واشنگٽن_28 جنوري (اي پي پي)آمريڪا جو مشهور باسڪٽ بال رانديگر اسٽيفن جيڪسن ڪلوم پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو آهي، ميڊيا رپورٽن مطابق اسٽيفن جيڪسن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ 14 سيزن کيڏيا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ پوائنٽ اسڪور ڪيون، اسٽيفن جيڪسن جو تعلق آمريڪا جي شهر هيوسٽن سان آهي. هو باسڪيٽ بال جو مشهور رانديگر آهي، نالي واري رانديگر پاڻ ئي انسٽاگرام تي اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪندي هڪ ويڊيو شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڪملو پڙهندي اسلام قبول ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.