احمد آباد- 03 نومبر (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جي 13 هين ايڊيشن ۾ اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻه ميچ کيڏيا ويندا. پهريون ميچ پاڪستان ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو جيڪو صبح 10 وڳي شروع ٿيندو، ٻيو ميچ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ٽيمن وچ ۾ ڏينهن جو هڪ لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو، انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جي انتظام هيٺ آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ جو 13 هن ايڊيشن ڀارت ۾ شروع ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ڪرڪيٽ جي شوقينن کي انتهائي دلچسپ مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. ميگاايونٽ ۾ اڄ ٻن ميچن جو فيصلو ٿيندو، پهريون ميچ گرين شرٽس ۽ نيوزي لينڊ جي ٽيمن وچ ۾ ايم چنا سوامي اسٽيڊيم بنگلور ۾ کيڏيو ونيدو جيڪو صبح 10 وڳي شروع ٿيندو، هي پاڪستان جو اٺون ميچ هوندو، ٻي ميچ ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جون ٽيمون نريندر مودي اسٽيڊيم احمد آباد ۾ آمهون سامهون ٿينديون. مينز جي ون ڊي ڪرڪيٽ فارميٽ جو عالمي ٽورنامينٽ هر چئن سالن کانپوءِ ٿيندو آهي، 2023ع جي آءِ سي سي مينز ورلڊ ڪپ ۾ دنيا جي ڪرڪيٽ جي 10 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ هڪٻئي خلاف زور آزمائينديون، ٽورنامينٽ جي پڄاڻي 19 نومبر تي ٿيندي. ميگاايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ 10 ٽيمن ۾ ميزبان ڀارت، عالمي چئمپن انگلينڊ، پاڪستان، افغانستان، آسٽريليا، بنگلاديش، نيڌرلينڊ، نيوزي لينڊ، ڏکڻ آفريقا ۽ سريلنڪا شامل آهن.