لاهور_14 اپريل(اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف سيريز ايشيا ڪپ جي تياري ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪ ڪيويز ٽي 20 سيريز جي ٽرافي جي مهورت واري تقريب دوران نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ٽام ليٿم سان پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابر اعظم چيو ته اسان وٽ نوجوان ۽ سينيئر رانديگرن جو سٺو گروپ آهي.نيوزيلنڊ خلاف سيريز لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون، ايشيا ڪپ لاءِ وقت ۽ ميچ گهٽ آهن ۽ اها سيريز ان تياري جي لاءِ آهي، هن چيو ته رضوان ۽ منهنجي جوڙي رهندي ، نوجوان بالر جي اچڻ سان اسانجي لائن اپ مضبوط ٿيندي، ورلڊ ڪپ لاءِ ٻيا رانديگر به ٽراءِ ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته هي سيريز ورلڊ ڪپ ڪمبينيشن لاءِ تمام گهڻي اهم آهي.هن چيو ته نيوزيلينڊ سيريز لاءِ اسانجا رانديگر تيار آهن ، ميگا ايونٽ کان اڳ اها سيريز اهم آهي، سمورا رانديگر مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهن.واضع رهي ته پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف پنجن ٽي 20 ميچن تي مشتمل سيريز جي پهرين ميچ ڪالهه 14 اپريل تي لاهور قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي وئي آهي.