سينچورين_24 مارچ(اي پي پي) ڏکڻ آفريقا ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ۾ ٽن ٽي 20 ميچن تي مشتمل سيريز جي شروعات( اڄ )ڇنڇر تي سپر اسپورٽس پارڪ سينچورين ۾ کيڏي ويندڙ ميچ سان ٿيندي، ان کان اڳ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پروٽيز ويسٽ انڊيز ٽيم کي 0_2 تان ڪلين سوئيپ ڪيو هو جڏهن ته ٽن وڊي ميچن جي سيريز 1_1 تان برابر رهي،ٻنهي ٽيم وچ۾ ٻئي ٽي 20 ميچ 26 مارچ ۽ ٽئين ۽ آخري ٽي 20 ميچ8 2 مارچ تي جوهانسبرگ ۾ کيڏي ويندي.