راولپنڊي- 09 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ( پي ايس ايل) ۾ (اڄ) جمعي تي واحد ميچ ملتان سلطانز ۽ پشاور زلمي وچ۾ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم وچ۾ کيڏي ويندي، ٻنهي ٽيمن وچ۾ اها ميچ تمام گهڻي اهم آهي جيڪا ٽيم ڪامياب ٿيندي اهي پلي آف مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي، پي سي بي جي انتظام هيٺ دلچسپ مقابلن جو سلسلو راولپنڊي ۾ جاري آهي، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ اڄ جمعي تي 27 ميچ ملتان سلطانز ۽ پشاور زلمي جي ٽيمن ۾ وچ۾ کيڏي ويندي،ٻنهي ٽيمن وچ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي،. واضع رهي ته ٻنهي ٽيمن جو 8،8 پوائنٽ آهن جيڪا ٽيم اڄ جي ميچ ۾ ڪاميابي حاصل ڪندي اها ٽورنامنٽ جي پلي آف مرحلي ۾ پهچندي.