اسلام آباد-04 جولاءِ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جو اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي موجوده صورتحال، ضروري شين جي قيمتن ۽ صوبائي حڪومتن طرفان پرائيس اسڪور ڪارڊ جي استعمال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. شماريات کاتي جي چيف ڪميٽيءَ کي آگاهه ڪيو ته مالي سال 25-2024ع دوران ملڪ ۾ مهانگائيءَ جي شرح 4.5 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي جيڪو گذريل سال 23.4 سيڪڙو مهانگائيءَ جي ڀيٽ ۾ واضح گهٽتائي آهي. هي گذريل 9 سالن جي گهٽ ترين مهانگائيءَ جي شرح آهي. شهري علائقن ۾ کاڌي پيتي جي شين ۾ مهانگائيءَ جي شرح 4.2 سيڪڙو رهي، جڏهن ته گذريل سال 2.6 سيڪڙو جي ڀيٽ ۾ ڪجهه وڌيڪ آهي. چيف شماريات سنڌ ۾ هاءِ ويز جي بندش کي فوڊ سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو وڏو سبب قرار ڏنو. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته ايل پي جي، ڪيلن، سرنهن جي تيل، چڻن ۽ مڱ جي دالين ۾ قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي قيمت تقريبن سڀني شهرن ۾ 190 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي. کنڊ جي پيداوار ۾ هڪ ملين ٽن جي گهٽتائي ٿي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سال 25ع ۾ مجموعي پيداوار 5.8 ملين ٽن رهي. خوراڪ واري وزارت ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ 5 لک ٽن کنڊ ٻاهران گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اجلاس ۾ پرائيس اسڪور ڪارڊ جي استعمال تي به تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. احسن اقبال ڪي پي ڪي جي چيف سيڪريٽري طرفان 114 ڀيرا پرائيس اسڪور ڪارڊ لاگ اِن ڪرڻ تي ساراهه ڪئي، جڏهن ته سنڌ جي چيف سيڪريٽري صرف 10 ڀيرا، پنجاب جي چيف سيڪريٽري 6 ڀيرا ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري ٻڙي ڀيرا لاگ اِن ڪيو. ڊي سي اسلام آباد 27 ڀيرا، ڪراچي 6 ڀيرا، ڪوئيٽه 4 ڀيرا اسڪور ڪارڊ چيڪ ڪيو. وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪيو ته صوبائي حڪومتون مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ موجود ڊجيٽل نظام مان مناسب فائدو نه کڻي رهيون آهن. هن پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس کي هدايت ڪئي ته هر مهيني چيف سيڪريٽري کي پرائيس اسڪور ڪارڊ تي لاگ اِن جي رپورٽ موڪلي وڃي ته جيئن نگرانيءَ جي عمل کي وڌيڪ مؤثر بنائي سگهجي. احسن اقبال هدايت ڪئي ته ايندڙ رمضان لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي سپلاءِ ۽ ڊيمانڊ جو منصوبو به هاڻ کان ترتيب ڏنو وڃي ته جيئن عوام کي رليف فراهم ڪري سگهجي. هن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، هن سڀني ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو هول سيل ۽ ريٽيل قيمتن جو باقائدگيءَ سان چڪاس ڪري، فوري ڪارروائي ڪن ۽ صوبائي حڪومتون انهن جي نگرانيءَ جو مؤثر قدم کڻن.