اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اسان سياسي حڪومت نه آهيون ۽ نه ئي اسان جي ڪا سياسي ايجنڊا آهي، سياسي پارٽين کي پاڻ ۾ رابطي جي لاءِ اسان جي ضرورت نه آهي، اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، غيرقانوني رهندڙ ماڻهن جي مرحليوار واپسي کي يقيني بڻايو ويندو، وفاقي ڪابينا حج پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن تحت هڪ لک 79 هزار 210 ماڻهو حج جو فرض ادا ڪري سگهندا، حج 2024ع جي لاءِ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي سهولت اسلام آباد ايئرپورٽ تي دستياب هوندي، 20 کان 25 ڏينهن جي قيام جو حج پئڪيج پڻ متعارف ڪرايو ويندو جنهن جي ماليت جو تعين بعد ۾ ڪيو ويندو، 38 کان 42 ڏينهن جو حج پئڪيجن ڏکڻ ريجن جي لاءِ 10 لک 65 هزار رپيا ۽ اتر ريجن جي لاءِ 10 لک 75 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، اهو پئڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک رپيا گهٽ آهي، وفاقي ڪابينا پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ان موقعي تي نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي، صحت وارو نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم، قومي ورثي وارو نگران وفاقي وزير جمال شاهه کانسواءِ ٻيا پڻ موجود هئا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي فارنرز ايڪٽ 1946ع جي سيڪشنز 3 ۽ بي 14 تحت سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني طور رهندڙ غيرملڪين کي پنهنجي پنهنجي وطن واپس موڪلڻ جي لاءِ Repatriation Order جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان نگران وزيراعظم خصوصي هدايت ڪئي آهي ته غيرملڪين جي انخلا جو مرحليو باعزت طريقي سان عمل ۾ آندو وڃي. ان دوران عورتن ۽ ٻارن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن ٻڌايو ته نگران وزيراعظم سختي سان هدايت ڪئي آهي ته رياست جو ڪو ادارو ان سموري مرحلي ۾ پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪري. هن ٻڌايو ته نگران وزيراعظم ان Repatriation Order تحت جن ماڻهن کي پنهنجي پنهنجي وطن واپس موڪليو پيو وڃي، انهن جي ڊيٽابيس تيار ڪرڻ ۽ انهي سموري عمل جي نگراني جي لاءِ خصوصي نظام جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران وزيراعظم ان حوالي سان هڪ ورڪ پلان پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني جنهن تحت غيرقانوني طور رهندڙ ماڻهن جي مرحليوار واپسي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته جن غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي واپس موڪليو پيو وڃي اهي ڪنهن به وقت قانوين طريقي سان واپس اچي سگهن ٿا. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا گهرو وزارت جي سفارش تي فيڊرل انويسٽيشن ايجنسي جي 10 اميگريشن چيڪ پوسٽس کي پوليس اسٽيشنز جو درجو ڏيڻ ۽ ان حوالي سان پاسپورٽ رولز 2021ع ۾ انهن چيڪ پوسٽن کي پوليس اسٽيشنز نوٽيفائي ڪرڻ جي منظوري ڏني. اهي 10 چيڪ پوسٽس خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان صوبي جي افغانستان ۽ ايران سان سرحدن تي موجود آهن. هن چيو ته وفاقي ڪابينا هوابازي واري وزارت جي سفارش تي فلائي جناح کي عالمي روٽس تي آپريشنز جي منظوري ڏني، ان منظوري کانپوءِ فلائي جناح افغانستان، بنگلاديش، عراق، ملائيشيا، عمان، قطر، سعودي عرب، ٿائيلينڊ، ترڪيه ۽ گڏيل عرب امارات ۾ فلائيٽ آپريشنز ڪري سگهندي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي تاجڪستانجي صنعت ۽ نيو ٽيڪنالاجيز واري وزارت ۽ پاڪستان جي سامونڊي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ صنعتي شين ۽ خدمتن جي شعبي ۾ روانگي واپار ۽ آمدني واپار وڌائڻ جي لاءِ تعاون جي پروٽوڪول تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني. هن چيو ته ڪابينا نجڪاري واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان اسٽيل ملز ڪارپوريشن جي نجڪاري کي نجڪاري پروگرام مان ڪڍڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا ان حوالي سان صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي هدايت ڪئي ته اها اڳتي جي حڪمت عملي تجويز ڪري. هن چيو ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ايل اين جي لميٽيڊ کي اسپاٽ مارڪيٽ مان ايل اين جي حاصل ڪرڻ جي لاءِ جنوري 2024ع کان جون 2024ع تائين پبلڪ پروڪيورمنٽس رولز 2004ع جي رول نمبر (1) 13 ۽ 35 کان ڇوٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته وفاقي ڪابينا ڪابينا ڊويزن جي سفارش تي سوئي سدرن گئس لميٽيڊ کي 20 هزار ميٽرڪ ٽن اسپاٽ ايل اين جي ڪارگو حاصل ڪرڻ جي لاءِ نومبر 2023ع کان مارچ 2024ع تائين پبلڪ پروڪيورمنٽس رولز 2004ع جي رول 9، 13، 35 ۽ 40 کان ڇوٽ ڪي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هن چيو ته ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 6 آڪٽوبر 2023ع ۽ 27 آڪٽوبر 2023ع جي اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 23 آڪٽوبر 2023ع جي فيصلن جو جائزو ورتو ۽ هدايت ڪئي ته قدرتي گئس بابت قيمتن ۾ ڦيرڦار جو ٻيهر جائزو ورتو وڃي. ڪابينا هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي اڄ ئي اجلاس منعقد ڪري ۽ ڪابينا کان پنهنجي فيصلن جي توثيق ڪرائي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته وفاقي ڪابينا مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي سفارش تي حج پاليسي 2024ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حج 2024ع ۾ پاڪستان جي لاءِ مخصوص ڪوٽا تحت 1 لک 79 هزار 210 ماڻهو حج جو فرض سرانجام ڏئي سگهندا، حج پاليسي 2024ع تحت ڪوٽا کي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪيم ۾ برابر ورهايو ويو آهي. هن چيو ته پرائيويٽ حج اسڪيم تحت 25 هزار حاجي اسپانسرشپ اسڪيم تحت حج جو فرض ادا ڪري سگهندا. هن چيو ته حاجين جي سهولت لاءِ 20 کان 25 ڏينهن جي قيام جو پڻ حج پئڪيج متعارف ڪرايو ويندو جنهن جي ماليت بعد ۾ مقرر ڪئي ويندي جڏهن ته 38 کان 42 ڏينهن جو حج پئڪيج ڏکڻ ريجن جي لاءِ 10 لک 65 هزار رپيا ۽ اتر ريجن جي لاءِ 10 لک 75 هزار رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهو پئڪيج گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هڪ لک رپيا گهٽ آهي. هن چيو ته حج 2024ع جي لاءِ روڊ ٽو مڪه پراجيڪٽ جي سهولت اسلام آباد ايئرپورٽ تي دستياب هوندي، ڪراچي ۽ لاهور جي عالمي هوائي اڏن تي پڻ اهو پراجيڪٽ ويجهي مستقبل ۾ دستياب هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي جي حوالي سان معاملا اڳتي وڌيا آهن، ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال وڌيڪ بهتر ٿيندي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته غيرقانوني رهندڙ ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر جي ويجهي ترين جاءِ تان پنهنجي ملڪ موڪليو ويندو. هن چيو ته اسان سياسي حڪومت نه آهيون ۽ نه ئي اسان جي ڪا سياسي ايجنڊا آهي، سياسي پارٽيون ڪيترن ئي ڏهاڪن کان هتي قائم آهن، هڪ ٻئي سان رابطو به ڪن ٿيون، ان رابطي ۾ انهن کي اسان جي مدد جي ضرورت نه آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن سمورين سياسي پارٽين سان رابطي ۾ آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي جو اڳواڻ حڪومت سان ملڻ چاهي ته ان جي خواهش جو احترام ڪنداسين.