اسلام آباد – 16 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ بيگم ثمينه علوي عورتن ۾ بريسٽ ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماڻهن جي نفسياتي مسئلن جي حل ۽ خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي جي لاءِ معاشري جي سمورن طبقن کي ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ عورتن جو هڪ وڏو انگ بريسٽ ڪينسر جي ڪري موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿو، اهڙي طرح پاڪستان ۾ اٽڪل 24 سيڪڙو آبادي مختلف قسم جي نفسياتي مسئلن جو پڻ شڪار آهي جڏهن ته معذوري جو شڪار ماڻهو پڻ ملڪي آبادي جو 10 کان 12 سيڪڙو آهن. هن چيو ته گذريل ڪجهه سالن دوران انهن مسئلن بابت پاڪستان ۾ آگاهي ۾ اضافو ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ اسان سڄي ملڪ ۾ خصوصي تقريبن، سيمينارز، ڪانفرنسز ۽ ٻين سرگرمين جو اهتمام ڪيو آهي، انهن مسئلن جي حل لاءِ اداراجاتي سهولتن جي فراهمي جي صورتحال ۾ پڻ بهتري آئي آهي، ان مقصد ۾ اسان کي اليڪٽرانڪ ميڊيا، اخبارن، سوشل ميڊيا ۽ اين جي اوز جو ڀرپور تعاون حاصل رهيو آهي، انهن سڀني جي ڪردار کي ساراهيان ٿي. بيگم ثمينه عارف علوي چيو ته افسوس جو مقام آهي ته اسان جي معاشري ۾ خصوصي ماڻهن کي امتيازي سلوڪ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، صحت، تعليم ۽ نوڪرين تائين پهچ ۾ رڪاوٽون درپيش آهن، اسان کي انهن کي مالياتي خودمختيار بڻائڻ، نوڪريون، تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ سٺو سلوڪ ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي هڪ وڏي آبادي ڪنهن نه ڪنهن طرح جي نفسياتي مسئلن ۾ ورتل آهي، صحت جي ان اهم رخ کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، اسان وٽ نفسياتي مسئلن تي عام طور تي کلي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي، ان تي به خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا، سول سوسائٽي، صحت جي ادارن ۽ ٻين حصيدارن کي انهن مسئلن جي حل جي سلسلي ۾ آگاهي جي لاءِ قدمن ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي جڏهن ته حڪومتي ادارن کي گهرجي ته اهي صحت جي سهولتن کي عام ڪرڻ تي ڌيان ڏين. هن زور ڏنو ته بريسٽ ڪينسر جي جلد تشخيص ۽ وقت سر علاج جي سلسلي ۾ عورتون پاڻ پنهنجو معائنو ڪرڻ جو معمول بڻائين. اهڙي طرح معاشري جا سمورا طبقا خصوصي ماڻهن جي حقن جي تحفظ ۽ ڀلائي ۾ پنهنجو حصو وجهن. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته معاشري جا سمورا طبقا گڏجي برابري تي ٻڌل هڪ گڏيل معاشرو جوڙڻ جي لاءِ ڪم ڪندا.