اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آدمشماري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو معاملو آهي، نئين آدمشماري جي منظوري ٿي چڪي آهي، هاڻي نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن، نگران حڪومت کي ناهن ڪرائڻيون، جن ادارن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن انهن کي به آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، محمد نواز شريف ايندڙ مهيني وطن واپس اچي چونڊ مهم جي قيادت ڪندو، جيڪڏهن اسان جي پارٽي چونڊون کٽيون ته محمد نواز شريف وزيراعظم هوندو، پي ٽي آءِ چيئرمين سائفر گم ڪري سنگين ڏوهه ڪيو، ان جي سنجيده انويسٽيگيشن ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم سائفر جي ڪاپي پڙهي سگهي ٿو، هو ڪاپي گڏ کڻي نه ٿو وڃي سگهي، اهو قانون موجب ڏوهه آهي، عمران نيازي نه رڳو مڃيو ته ڪاپي گڏ کڻي ويو پر اهو به چيو ته گم ٿي وئي، ان کان وڏو ڪو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ائين ٿئي ها ته اڄ اهو سائفر شايع ڪيئن ٿئي ها؟ اسان جو موقف 100 سيڪڙو سچ ثابت ٿيو آهي، اسان آئين جي پوري پاسداري ڪئي آهي، منهنجي ذاتي راءِ ته چونڊون جلد کان جلد ٿين، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته روس جي دوري جي ڪري ان جي حڪومت ڪيرائي وئي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته اسان روس کان سستو تيل گهرايو، اسان جي حڪومت ڇو نه ڪيرائي وئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته صدر گذريل ڏينهن اسيمبلي تحليل ڪرڻ جي ايڊوائيس تي صحيحون ڪري ڇڏيون هيون، وفاقي ڪابينا به ختم ٿي چڪي آهي، وزيراعظم هائوس ۾ هينئر به منهنجي موجودگي آئيني ذميواري آهي، پوءِ اڄ مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سان مشاورت ڪئي ته جيئن ڪنهن نالي تي اتفاق راءِ ٿي وڃي، ڪجهه نالا مون ڏنا ۽ ڪجهه نالا هن ڏنا، پنهنجي قائد نواز شريف ۽ اتحادين سان مشورو ڪندس، سڀاڻي ٻيهر مخالف ڌر اڳواڻ سان نگران وزيراعظم جي نالي تي بابت ملاقات ڪندس، اميد آهي ٽن ڏينهن کان اڳ نگران وزيراعظم جي نالي تي اتفاق ٿي ويندو، اميد آهي ته ان مرحلي کي خوش اسلوبي سان طئي ڪري وٺنداسين. هن چيو ته نگران حڪومت اچڻ کانپوءِ لنڊن ويندس ۽ نواز شريف جي وطن واپسي جو حتمي پروگرام طئي ڪنداسين، محمد نواز شريف ايندڙ مهيني وطن واپس ايندو ۽ مسلم ليگ (ن) جي چونڊ مهم جي قيادت ڪندو، نه هو ٽوپ پائيندو ۽ نه ئي بالٽي پائيندو ۽ نه ئي جادو ٽوڻو ڪندو، جيڪڏهن اسان جي پارٽي چونڊون کٽيون ته محمد نواز شريف وزيراعظم هوندو، ان جو ڪارڪن بڻجي ڪم ڪندس. وزيراعظم چيو ته آدمشماري گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو معاملو آهي، نئين آدمشماري جي منظوري ٿي چڪي آهي، هاڻي نئين آدمشماري تحت چونڊون ڪرائڻ لازمي آهي، چونڊون اليڪشن ڪميشن کي ڪرائڻيون آهن، نگران حڪومت کي ناهن ڪرائڻيون، جن ادارن کي چونڊون ڪرائڻيون آهن انهن کي به آئين جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، اسان آئين جي پوري پاسداري ڪئي آهي، منهنجي ذاتي راءِ آهي ته چونڊون جلد کان جلد ٿين، پنهنجي آئيني ذميواري پوري ڪري رهيو آهيان، اسان چونڊن ۾ حصو وٺنداسين، 16 مهينن جي مختصر ترين وفاقي حڪومت هئي، اسان سڀ چئي سگهون ٿا ته هر هڪ پارٽي پنهنجو زاويو، نظريو منشور هو، اسان ملڪ جي بهترين مفاد ۾ اتحاد ڪيو، اسان قوم جي سامهون يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو، جڏهن به ڪڙو وقت اچي ٿو ته قوم يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪري ٿي، 13 پارٽي اتحاد هلائڻ مشڪل ڪم هو، مون کي جيڪا ذميواري ڏني وئي ان کي اتحادي حڪومت سان گڏجي پورو ڪيو، اهو مستقبل جي لاءِ هڪ مثال آهي. هن چيو ته اهو ملڪي تاريخ جو مشڪل ترين دور هو، آءِ ايم ايف پروگرام کي ٻيهر شروع ڪرڻ وڏو چئلينج هو، پاڪستان ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو، ان پروگرام جي پهرين قسط ملي چڪي آهي، پيرس ۾ آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر واضح ڪيو ته هاڻي وقت گذري چڪو آهي، اسان تدبر جو مظاهرو ڪيو، اسان جا دوست ۽ پرايا سڀ پري ٿي چڪا هئا. شهباز شريف چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ بدترين ٻوڏ آئي، اتحادي حڪومت ٻوڏ سٽيلن جي ڀرپور مدد ڪئي، ٻوڏ سٽيلن جي بجلي جي بلن کي معاف ڪيو، سبسڊي ڏني، ٻوڏ متاثرين ۾ ٻاهرئين ملڪ مان ايندڙ امداد شفاف طريقي سان ورهائي وئي، آمريڪا ٻوڏ سٽيلن جي ڀرپور مدد ڪئي، اهو ملڪ جي لاءِ مشڪل ترين دور هو، ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي جڏهن ته ان بابت فيصلو عوام ڪندي. هن چيو ته عمران نيازي چيو ته ان کان سائفر گم ٿي ويو آهي، ان معاملي جي سنجيده انويسٽيگيشن ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اهو گم ٿي ويو آهي ته هو شايع ڪيئن ٿيو آهي، عمران نيازي وٽ ڪاپي هئي، وزيراعظم سائفر جي ڪاپي پڙهي سگهي ٿو، ان تي ڳالهه ڪري سگهي ٿو، هو ڪاپي گڏ کڻي نه ٿو وڃي سگهي، اهو قانون موجب ڏوهه آهي، نه رڳو هن مڃيو ته ڪاپي کڻي ويو پر اهو به چيو ته گم ٿي وئي، ان کان وڏو ڪوڙ ٿي سگهي ٿو، ايف آءِ اي ان جي انويسٽيگيشن ڪري رهيو آهي پر اڄ ان ۾ نئين صورتحال سامهون آئي آهي، اسان جو موقف 100 سيڪڙو سچ ثابت ٿيو آهي، نه اسان امپورٽيڊ حڪومت آهيون ۽ نه ئي اسان آمريڪا کان ڪا مدد ورتي، ڪنهن غيرملڪ جي اشاري تي حڪومت ڪيرائڻ کان مري وڃڻ بهتر هو. هن چيو ته 1947ع کان هيستائين سعودي عرب مالي مدد سميت هر محاذ تي پاڪستان جي غيرمشروط مدد ڪئي، پاڪستان جڏهن نيوڪليئر طاقت بڻيو ته سعودي عرب ڀرپور امداد ڪئي، جڏهن نواز شريف وزيراعظم بڻيو ته سعودي عرب پاڪستان کي ڏيڍ ارب ڊالر روڪ ڏنا، جيڪو پنهنجي محسن جو شڪرگزار نه ٿو ٿي سگهي ته اهو الله تعاليٰ جو شڪرگزار ڪيئن ٿي سگهندو. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن اسان امپورٽيڊ حڪومت هجون ها ته آءِ ايم ايف کان اسان جي مدد کلي ملي ها، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان امپورٽيڊ حڪومت ناهيون، آمريڪا سان لاڳاپا تمام وڌيڪ مجروح ٿيا، انهن کي اسان جي حڪومت معمول تي آندو، اسان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڀرپور محنت ڪئي، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير ۽ ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، مون به آمريڪي سفير سان لاڳاپن ۾ بهتري جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪئي، آمريڪا آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اسان جي مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته روس جي دوري جي ڪري سندس حڪومت ڪيرائي وئي، جيڪڏهن ائين هجي ها ته اسان روس کان سستو تيل گهرايو، اسان جي حڪومت ڇو نه ڪيرائي وئي. وزيراعظم چيو ته چين سان سي پيڪ جو ٻيو مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، پاڻ چيني نائب وزيراعظم پاڪستان جو دورو ڪري سي پيڪ جي ٻئي مرحلي جو اعلان ڪيو، سي پيڪ جو بنياد نواز شريف رکيو هو، جيڪڏهن اهڙي ڳالهه هجي ها ته ان جو ڪو ثبوت هجي ها، عمران نيازي جو الزام انهن واقعن سان هوا ۾ اڏامي وڃي ٿو، پاڪستان اسرندڙ ملڪ آهي، ان کي بي شمار چئلينجز درپيش آهن، آءِ ايم ايف پروگرام جي معاملي تي دوستن کي گڏ کڻي هلياسين ۽ جيڪو اسان جو ساٿ نه ٿو ڏي ان کي پري نه ٿا ڪرڻ چاهيون، انهي ۾ پاڪستان جي عوام جي بهتري ۽ ترقي جو راز آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ 33 سالن کان وڌيڪ مارشل لاء رهي ۽ اهي حڪومتون بري طرح ناڪام ٿيون، جمهوري حڪومتون ڪيتريون مضبوط ۽ ڪيتريون ڪمزور هيون سڀ ڄاڻين ٿا، ملڪ ۾ 75 سالن دوران اسٽيبلشمنٽ جي اڻ سڌي ۽ سڌي طرح ڪردار کي نظرانداز ڪرڻ حقيقت کان اکيون چورائڻ جي برابر آهي، الله تعاليٰ پاڪستان کي زرخيز زمين، پاڻي جا وسيع ذخيرا، معدنيات، قدرتي گئس سميت ٻين قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، اسان انهن وسيلن مان ڪو فائدو نه کنيو، قوم کي هڪ رپئي جو فائدو نه ٿيو، عدالتن ۾ ڪيسز تي اربين رپيا خرچ ڪري ضايع ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته تربيلا ڊيم ۽ منگلا ڊيم کانپوءِ پن بجلي جا نوان منصوبا نه لڳايا ويا پر اسان درآمدي تيل جو استعمال شروع ڪري ڇڏيو، ڪارٽيلز پنهنجي مفاد ۾ ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، اهو ئي سبب آهي جو بجلي جي في يونٽ قيمت 50 رپين تائين هلي وئي آهي، اسان جون صنعتون ويجهي ملڪن جي مقابلي ۾ پٺتي رهجي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ هائبرڊ ماڊل ٺهيا آهن، عمران خان جو ماڊل هائبرڊ نه هو، عمران نيازي کي چار سالن ۾ جيتري حمايت ملي ان جي 30 سيڪڙو ڪنهن ٻي حڪومت ملي هجي ها ته معاملا ڪٿي ٻئي طرف وڃن ها، عمران نيازي ان حمايت جو ناجائز فائدو کنيو ۽ مخالف ڌر کي ڀت سان لڳايو، ملڪ ۾ گارگند جي ڪلچر کي فروغ ڏنو، دوست ملڪن سان لاڳاپا تباهه ڪيا، چين سان مون کي ڳنڍيو ۽ الزام هنيو ته چيني منصوبن ۾ 45 سيڪڙو ڪميشن ورتي، فرانزڪ جي لاءِ چين ٽيمون موڪليون ويون، جيڪڏهن منهنجي خلاف ثبوت هجي ها ته 20 سال جيل جي ڪارين ڪوٺڙين ۾ وڌو وڃي ها، هن چور، ڌاڙيو جو گوڙ ڪيو. هن چيو ته ايس آئي ايف سي جو مقصد ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي آهي ان ۾ زراعت، انفارميشن ٽيڪنالاجي، معدنيات ۽ دفاعي پيداوار جي شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو، ان ۾ وفاق، صوبا ۽ پاڪ فوج جا ادارا شامل آهن، ڪابينا ۽ پارليامينٽ ان جي منظوري ڏني آهي ۽ ان حوالي سان باقاعده قانون بڻجي چڪو آهي، حساس اداري جي آفيسر کي دهشتگردن پيڇو ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، اهو ڪيئن ٿيو، سوشل ميڊيا تي ان جون تصويرون جاري ٿيون جنهن سان دهشتگردن سڃاڻپ ڪئي، مون ان آفيسر جي گهر وڃي تعزيت ڪئي، جيڪي ماڻهو فرض جي ادائيگي جي خاطر حياتي خطري ۾ وجهن ٿا جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ظاهر ڪئي وڃي جيڪا سڌوسنئون قومي مفاد جي خلاف آهي، ان قانونسازي جو نشانو رياست مخالف عنصر آهن، قومي اسيمبلي ۾ عمران نيازي ۽ ان جي جٿي جي حرڪتن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ۽ حقيقتن سان ثابت ڪيو، عمران نيازي جي جيل وڃڻ تي ڪا خوشي ناهي ٿي، دشمن مري ته خوشي نه ڪريو پاڻ به مرڻو آهي، اسان جي جيل وڃڻ تي هو مٺايون ورهائيندا هئا، عمران نيازي پاڻ چوندو هو ته انهن کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي سڀاڻي انهن جي وڪيٽ ڪرندي، انهن جي ايئرڪنڊيشنڊ لاهي ڇڏيندس، الله تعاليٰ کان معافي وٺڻ گهرجي. هن چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو رياست پاڪستان، پاڪستاني فوج ۽ آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير جي خلاف بغاوت هئي، جيڪي اهڙي قسم جي حرڪت ۾ ملوث نه آهن انهن تي ڇو پابندي لڳندي، آئون ۽ نواز شريف اٽڪ قلعي ۾ رهياسين ۽ اٽڪ جيل ۾ به رهيو آهيان اسان وهنجندا هئاسين ته بالٽي مان پاڻي بدران واري نڪرندي هئي، اسان کي ٻاهر ڏسڻ کان روڪڻ جي لاءِ ڄاري لڳائي وئي هئي. عمران نيازي ته اٽڪ جيل ۾ آهي جيلن جي صورتحال بلڪل بهتر بڻائڻ گهرجي، خدا کان ڊڄڻ گهرجي، آئون جيل ۾ ويس ته عمران خان پاڻ لاهور ويو. شهزاد اڪبر جيل آفيسرن کي چيو ته کاڌو قيدين وانگر ڏيڻو آهي، قيدين جي بيرڪ ۾ رکڻو آهي ۽ زمين تي سمهارڻو آهي. عدالت جي حڪم تي قانون موجب جيل ۾ سهولتون ڏنيون ويون. آفيسر چوندا هئا ته اسان کي مٿان کان حڪم آيو آهي. هن چيو ته ٻاروتڻ کان ئي مختلف زبانون سکڻ جو شوق هو، جنهن سان ڪاروبار ۽ سياست ۾ فائدو ٿيو، جرمن ۽ عربي زبان سکي آهي جڏهن ته روسي زبان جي ورڪنگ ناليج آهي.