اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) چين جي نائب وزيراعظم هي لي فينگ سي پيڪ تحت زراعت، صنعت، صحت، تعليم، ريلوي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، عوامي ڀلائي، روزگار جا موقعا وڌائڻ ۽ علائقائي رابطي جي فروغ سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته چين پاڪستان جي قومي خودمختياري، آزادي، علائقائي سالميت جي تحفظ، قومي اتحاد، سماجي استحڪام ۽ اقتصادي خوشحالي جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، سي پيڪ چين ۽ پاڪستان جي دوستي جي نئين دور جي شروعات آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد کي نئين جان بخشي آهي، سي پيڪ ۾ چين ۽ پاڪستان جو تعاون ايندڙ ڏهاڪي ۾ وڌيڪ وڌندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر اسلام آباد ۾ سي پيڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. چين جي نائب وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي 10 سالن وارين تقريبن ۾ شرڪت ڪري مون کي خوشي محسوس ٿي آهي، سي پيڪ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو اهم منصوبو آهي، اهو پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي جي لاءِ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، سي پيڪ سان خطي ۾ سماجي ترقي جي شرواعت ٿي آهي، پاڪ چين دوستي هماليه کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي دوستاڻا لاڳاپا آهن، سي پيڪ تحت رستن جي تعمير ۽ ٻيا منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، انڊسٽري، ڪلچر ۽ صحت سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي، ساهيوال ڪول پاور پراجيڪٽ مقرر مدي کان اڳ پنجاب اسپيڊ تحت مڪمل ڪيو ويو، سي پيڪ علائقائي ترقي جي لاءِ اهم منصوبو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري ٿي آهي، سي پيڪ تحت اربن ريلوي، فائبر آپٽڪ سميت مختلف منصوبن کي عملي جامعو پارايو ويو، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي گڏيل مفاد کي نئين جان بخشي آهي ۽ اهو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ فليگ شپ منصوبو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام هڪ ٻئي جي ويجهو آئي آهي، چيني انجنيئرز ۽ پاڪستاني پورهيتن هڪ ٻئي سان گڏ بيهي ڪم ڪيو آهي ۽ ڪجهه ناممڪن جاين تي پڻ منصوبن کي پڄاڻي تائين پهچايو آهي ۽ گڏجي مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن تي ضابطو آندو آهي، سي پيڪ تحت توانائي، زراعت، ريلوي ۽ آءِ ٽي سميت مختلف شعبن ۾ منصوبا شروع ڪيا ويا. هن چيو ته هو سي پيڪ جي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۽ علائقائي ترقي جون تجويزون پيش ڪري ٿو ته پاڪستان ۽ چين کي گڏجي ترقي جو ڪوريڊور ٺاهڻ جي ضرورت آهي جنهن تحت سي پيڪ جي ڊگهي مدي جي منصوبن کي اڳتي وڌايو وڃي، ان سلسلي ۾ ايم ايل ون جي اپ گريڊيشن، ايگرو فارمنگ ۽ باغباني جي شعبي م موثر قدم کڻڻ گهرجن، ان سان پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي ۽ خوشحالي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي، ٻيو اسان کي گڏجي روزگار جا موقعا وڌائڻا پوندا ۽ ان سلسلي ۾ عوام کي مٿانهون رکيو ويندو ۽ ان جي لاءِ زراعت، صنعت، تعليم، صحت، تربيت ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن کي ترجيح ڏيڻي پوندي ته جيئن روزگار جا موقعا وڌن، ان جي لاءِ ننڍين نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ انساني وسيلي جي ترقي جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن سي پيڪ جي ذريعي پاڪستان جي عوام وڌيڪ ثمرن مان فائدو کڻي سگهي. ٽيون سي پيڪ تحت گڏيل انوويشن ڪوريڊور ٺاهڻ جي ضرورت آهي ۽ ان جي جي لاءِ لاڳاپيل ورڪنگ گروپس کي متحرڪ ڪرڻو پوندو ۽ ان حڪمت عملي سان جديديت تي ڌيان ڏئي هائي ٽيڪ، موبائيل، مواصلات، اي ڪامرس ۽ سمارٽ سٽيز جهڙن نئين شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيون. چوٿون اسان کي گڏيل طور تي گرين ڪوريڊور ٺاهڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ گرين سلڪ روڊ ۽ گرين پاڪستان انيشي ايٽو کي اڳتي وڌائڻو پوندو، ان سان ماحوليات جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهبو ۽ ان جي لاءِ بنيادي ڍانچي، زراعت ۽ قدرتي آفتن سان پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ ريليف جي لاءِ قدم تيز ڪرڻا پوندا. پنجون اسان کي گڏجي هڪ اوپن ڪوريڊور ٺاهڻ جي ضرورت آهي، ان جي لاءِ علائقائي ملڪن سان تعاون ۽ رابطي کي فروغ ڏيڻ گهرجي ۽ سي پيڪ ۾ ٿرڊ پارٽي جي آجيان ڪرڻ گهرجي ۽ سي پيڪ کي توسيع ڏيڻ گهرجي ته جيئن علائقائي رابطي ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته انسانيت کي هن وقت وڏا خطرا ۽ چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وچ ۾ ٻه نتيجاخيز ملاقاتون ٿيون آهن جن ۾ هنن مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، چين ۽ پاڪستان ٻه سٺا پاڙيسري، دوست، حصيدار ۽ ڀائر آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي امن، استحڪام ۽ ترقي کي درپيش چئلينجز ۾ گڏجي ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته چين پاڪستان جي قومي خودمختياري، آزادي، علائقائي سلامتي جي تحفظ، قومي اتحاد، سماجي استحڪام ۽ اقتصادي خوشحالي جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، اسان کي يقين آهي ته پاڪستان جي بهادر ۽ باحوصلا عوام پنهنجي هٿن سان پنهنجو مستقبل روشن ڪندي ۽ پنهنجو مستقبل پنهنجي هٿن ۾ رکڻ جي لاءِ ترقي تي ڌيان ڏيندي، پاڪستان ۽ چين جا مفاد گڏيل آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي دوستي مضبوط بنيادن تي قائم آهي، سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو محور آهي ۽ ان سان اسان جي دوستي مضبوط ٿي آهي. چين جو صدر شي جن پنگ ۽ پاڪستان جا قائدين سي پيڪ کي تمام گهڻي اهميت ڏين ٿا ۽ انهن پنهنجي ملاقاتن ۾ ان حوالي سان تمام اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن سان سي پيڪ کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملي آهي ۽ ان مشاورت جي نتيجي ۾ اسان پنهنجي ترجيحي شعبن ۾ ڪم کي اڳتي وڌايو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ وڌيڪ چيني سيڙپڪاري ۽ ٽيڪنالاجي اچي رهي آهي ۽ پاڪستان جي اعليٰ معيارن جي مصنوعات چين جي منڊين ۾ پهچي رهيون آهن. هن چيو ته سي پيڪ تحت بنيادي ڍانچي، توانائي، سائنس، صنعت، رستن جي تعمير ۽ ٻين شعبن ۾ منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن، هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ فليگ شپ منصوبو آهي ۽ ان ۾ عوام کي ئي محور بڻايو ويو آهي ۽ ان جو مقصد اهو آهي ته عام ماڻهو کي بهتر معيار زندگي مهيا ڪري سگهجي. صدر شي جن پنگ جي پيغام جي روشني ۽ چين ۽ پاڪستان جي وزيراعظمن جي ملاقاتن جي نتيجي ۾ اسان کي يقين آهي ته سي پيڪ ۾ چين ۽ پاڪستان جو تعاون ايندڙ ڏهاڪي ۾ وڌيڪ وڌندو. اسان دعاڳو آهيون ته پاڪستان ترقي ۽ خوشحالي سان همڪنار ٿئي ۽ پاڪستان ۽ چين جي لازوال دوستي وڌيڪ وڌي.