اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) پاڪستان بيت المال جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ عامر فدا پراچا چيو آهي ته پاڪستان بيت المال جا سمورن معاملن بشمول پراجيڪٽس جي ڊيجيٽلائيزيشن جو عمل شروع ٿي چڪو آهي، ان سان نه رڳو شفافيت ايندي پر قومي ۽ عالمي ”ڊونرز“ کي پڻ ان خير جي ڪم ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ راغب ڪري سگهبو، 50 سوئيٽ هومز ۾ تعليم حاصل ڪندڙ يتيم ٻارن کي گريجوئيشن تائين تعليم فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ يتيم ٻارن جي لاءِ يوٿ هائوس قائم ڪرڻ کانپوءِ هاڻي باقي شهرن ۾ پڻ مرحليوار يوٿ هائوس قائم ڪيا ويندا. هن اها ڳالهه قومي خابرو اداري ”ايسوسي ايٽيڊ پريس آف پاڪستان“ (اي پي پي) کي خصوصي انٽرويو ڏيندي چئي. ملڪ عامر فدا پراچا چيو ته پاڪستان بيت المال تحت امداد جا مختلف منصوبا جن ۾ شيلٽر هومز، سوئيٽ هومز، پاڪستان ٿيلسيميا سينٽر، انفرادي مالي معاونت، وومين ايمپاورمينٽ سينٽرز، پاڪستان بيت المال اسڪول، پرسن ود ڊس ايبلٽي، اولڊ ايج هوم سميت مختلف بيمارين جي علاج بابت طبي معاونت شامل آهي، 22 – 2021ع دوران پاڪستان بيت المال مان طبي معاونت جا 13719 ڪيسز، تعليمي وظيفن جا 5 هزار 769، ايجوڪيشن اسٽاپن جا 18 هزار 375، اسپيشل پرسنز جا 5 هزار 68 جڏهن ته شيلٽر هومز مان هڪ ڪروڙ 75 هزار 716 ماڻهن فائدو کنيو. هن ٻڌايو ته جڏهن مون هن اداري جي سربراهي جي ذميواري ورتي ته ان خير جي ڪم ۾ ملڪي ۽ غيرملڪي ”ڊونرز“ کي ان طرف راغب ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح هئي، ان جي لاءِ اداري جا سمورا معاملا بشمول پراجيڪٽس جي ڊيجيٽلائيزيشن لازمي هئي تنهن ڪري ان تي جنگي بنيادن تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو، ان سان ادارو ”پيپر ليس“ ۽ منصوبن ۾ وڌيڪ شفافيت ايندي ۽ ڊونرز جو اعتماد وڌندو.

ايم ڊي پاڪستان بيت المال ملڪ عامر فدا پراچا چيو ته ٻارن ۾ ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ جي قوت کان محرومي، والدين جي لاءِ هڪ وڏي آزمائش کان گهٽ ناهي هوندي، ان جو علاج به مهانگو ترين آهي، هڪ ٻار جي ڪوڪلر ايمپلانٽ تي اٽڪل 19 لک رپين جو خرچ اچي ٿو جيڪڏهن انهن ٻارن ۾ اهو لڳي وڃي ته اهي ٻار ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا. اهو ايمپلانٽ انهن ٻارن جي لاءِ ”لائيف چينجر“ ثابت ٿئي ٿو. سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير شازيه مري، اسان جي ڊويزن ۽ ناڻي جي سيڪريٽريز ۽ اسان سڀني جون ڪوششون ڪارائتيون ثابت ٿيون آهن، هاڻي ٻڌڻ ۽ ڳالهائڻ کان محروم ٻارن (5 سال عمر تائين) جو ڪوڪلر ايمپلانٽ، پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي پهرين ڪوشش اها آهي ته ڪوڪلر ايمپلانٽ جي اڍائي ارب ماليت جي التوا هيٺ پيل ڪيسز کي اڪلايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان بيت المال جا سڄي ملڪ ۾ 50 سوئيٽ هومز آهن جتي يتيم ٻارن جي ڪفالت ٿي رهي آهي. پاڪستان بيت المال جا هر ضلعي ۾ وومين ايمپاورمينٽ سينٽرز هلي رهيا آهن، اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ هر ضلعي ۾ ايس آر سي ايل جي نالي سان اسڪول هلي رهيا آهن. هر قسم جي ميڊيڪل، سرجري ۽ دوائن جي لاءِ امداد، جيڪي ٻار اعليٰ تعليم تائين پنهنجا خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن انهن کي اسڪالرشپ ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته انهن سمورن پراجيڪٽس جي لاءِ موجوده بجيٽ ڪافي نه آهي ۽ ان ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪندو رهندس. ايم ڊي بيت المال ملڪ عامر فدا پراچا چيو ته منهنجي اوپن ڊور پاليسي آهي، اسان وٽ اهڙا ماڻهو اچن ٿا جن کي اوچتو مالي امداد جي ضرورت پوي ٿي، بطور شاڪ آبزرور اداري طور اوپن ڊور پاليسي تحت متاثرين سان پاڻ ملندو آهيان ۽ سياسي وابستگي يا رنگ ۽ نسل کان هٽي ڪري فوري ازالي جي هر ممڪن ڪوشش ڪريان ٿو.

ايم ڊي بيت المال ملڪ عامر فدا پراچا چيو ته پاڪستان بيت المال جو هڪ ڊگھو سفر آهي، اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي دور ۾ 1991ع ۾ هن اداري پنهنجو سفر شروع ڪيو. ان وقت طبي ۽ ڪجهه مالي مدد ڪئي ويندي هئي وقت سان گڏوگڏ امداد جي نوعيت ۾ اضافو ٿيندو رهيو. محترمه بينظير ڀٽو آئي ته ان هن اداري ۾ وومين ايمپاورمينٽ سينٽر شروع ڪيو. 2008ع ۾ سوئيٽ هومز جي شروعات ٿي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن بيت المال جي لاءِ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ جي حوالي سان ٻڌايو ته بجيٽ ۾ هڪ ارب رپين جو اضافو تجويز ڪيو ويو آهي، گذريل 3 سالن کان پاڪستان بيت المال جي بجيٽ ۾ ڪو اضافو نه ٿيو هو پر ان سال 50 ڪروڙ جي گهٽتائي ٿي هئي. هن ٻڌايو ته پاڪستان بيت المال جي اسٽريٽ چلڊرن جي لاءِ هلندڙ اسڪولن ۾ پرائمري تائين تعليم ڏني پئي وئي، مون ايندي ئي ان کي اٺين درجي تائين ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح اڳ ۾ سوئيٽ هومز ۾ ٻارن کي ميٽرڪ تائين تعليم ڏني ويندي هئي ان کي وڌائي گريجوئيشن ڪري ڇڏيو آهي. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ يتيم ٻارن جي لاءِ يوٿ هائوس قائم ڪري ڇڏيو آهي، مرحليوار باقي شهرن ۾ پڻ يوٿ هائوس قائم ڪيا ويندا. هن چيو ته اسڪالرشپ جي حوالي سان يونيورسٽين کي چيو ويو آهي ته اهي ڳوٺاڻي، پٺتي پيل علائقن ۽ بلوچستان جي لاءِ اضافي ڪوٽا تي عملدرآمد يقيني بڻائين. تعليمي وظيفن سان ڪيترائي ٻار ان قابل ٿيا آهن ته اهي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن.