اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مسلم دنيا پنهنجي نوجوانن کي معياري تعليم فراهم ڪري ۽ امت جي فڪري صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجا مالي وسيلا استعمال ۾ آڻي ته جيئن مسلمان ملڪن ۾ مقامي سطح تي علم کي فروغ ڏئي سگهجي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جديد دنيا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اهي زندگي جي سمورن رخن ۾ انساني ترقي کي متاثر ڪن ٿا ۽ مسلم دنيا ۾ تبديلي آڻڻ جي لاءِ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪامسٽيڪ جي 31هين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي او آءِ سي جي سائنسي ۽ فني تعاون بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو چيئرمين آهي. او آءِ سي جي سيڪريٽري حسين ابراهيم طلحيٰ، قزاخستان جي تعليم ۽ سائنس واري وزير سياسات بوربڪ، نائجيريا جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزير ڊاڪٽر اوگبونايا آنوه، فلسطين جي مواصلات ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزير سحاق سدر، قطر جي تعليم واري انڊر سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر ابراهيم صالح النعيمي، سعودي عرب جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت شاهه عبدالعزيز سٽي جي صدر ڊاڪٽر منير ايم ايلڊيسڪوڪي، گڏيل عرب امارات جي پبلڪ ايجوڪيشن اينڊ ايڊوانس ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير ساره بن يوسف العميري، 14 هين او آءِ سي سربراهه اجلاس جي صدر جي سعودي عرب واري نمائندي، ٻئي او آءِ سي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت سربراهه اجلاس جي صدر جي گڏيل عرب امارات مان نمائندي آن لائين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي سيڪريٽري ۽ ڪامسٽيڪ جي رابطه ڪار 31هين ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي اجلاس جي ايجنڊا بابت بريفنگ ڏني. اجلاس دوران صدر چيو ته ڪاپي رائٽ قانونن جي ڪري ترقي يافته ملڪن سان معلومات جي حصيداري گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي جنهن جي ڪري مسلم ملڪن کي اهم شعبن خاص طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ تحقيق ۽ ترقي ۾ مقامي علم کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ۽ بامعنيٰ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته مسلم ملڪ او آءِ سي جي نگراني هيٺ ترقي يافته ۽ مسلم دنيا جي وچ ۾ علم ۽ تحقيق ۽ ترقي جي فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ غيرروايتي حل تي عمل ڪن. هن چيو ته تعليم جي فراهمي جي فاصلاتي ۽ ورچوئل تعليم جي طريقن کي مسلم دنيا کي تيزي سان اختيار ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاگردن جي لاءِ اعليٰ معيار جي علم، معلومات ۽ تعليم جا دروازا خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبن ۾ کليل هجن. هن چيو ته اهو سڀ کان گهٽ ترقي يافته ملڪن ۽ انهن ملڪن جي لاءِ خاص طور تي فائديمند ٿيندو جيڪي پنهنجي نوجوانن کي تعليم ڏيڻ ۾ پٺتي آهن. صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪامسٽيڪ ۽ او آءِ سي جا تعليمي او آءِ سي ملڪن جي شاگردن کي آن لائين تعليم ۽ تربيت ڏئي پنهنجي قيمتي وسيلن کي بچائي سگهن ٿا جنهن سان تعليمي سهولتن جي تعمير، سارسنڀال ۽ هلائڻ جي لاءِ گهربل قيمتي مالي وسيلن جي بچت ٿيندي. هن او آءِ سي ملڪن جي لاڳاپيل تنظيمن جي وچ ۾ ويجهي رابطي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن علم جي گڏيل حصيداري سان گڏوگڏ عالمي تعليمي ادارن سان پنهنجي علم جي بنياد ۽ مهارتن کي بهتر بڻائي سگهجي. هن ڪامسٽيڪ تي زور ڏنو ته اها پنهنجي موجوده سهولتن کي اضافي آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري ته جيئن ٻين ادارن خاص طور تي تعليمي ۽ تربيتي مقصدن جي لاءِ پنهنجون سهولتون فراهم ڪري مالي خودمختياري حاصل ڪري سگهجي. هن او آءِ سي جي ميمبر ملڪن پاران ڪامسٽيڪ جي لاءِ جائز ۽ ضروري مالي وسيلا مخصوص ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ان جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌائي سگهجي ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي فروغ جي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪري سگهجي. هن فنڊز جي شفاف ۽ تصديق ٿيل طريقي سان استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هڪ ٺوس مالياتي نگراني ۽ ڪنٽرول سسٽم قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. هن گهٽ ترقي يافته ملڪن جي نوجوان سائنسدانن کي اسڪالرشپ ڏيڻ تي ڪامسٽيڪ کي ساراهيو ته جيئن اهي پنهنجي لاڳاپيل شعبي ۾ تحقيق طرف راغب ٿين. هن ڪامسٽيڪ جي پروگرام کي پڻ ساراهيو جنهن تحت او آءِ سي جي ملڪن جي ذهين شاگردن کي مختلف ملڪن جي نوبل انعام يافته ماڻهن سان ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو ويو جنهن سان انهن جي ڏاهپ ۽ صلاحيتن ۾ بهتري ايندي. هن ڪامسٽيڪ جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مخصوص شعبن ۾ بين الاسلامي نيٽ ورڪس جي نالي سان 13 ادارن جي قيام جي قدم کي ساراهيو جيڪي او آءِ سي جي 9 مختلف ميمبر ملڪن ۾ موجود آهن، انهن مان ڪجهه بين الاسلامي نيٽ ورڪس غيرفعال آهن ۽ صحيح ڪارڪردگي جو مظاهرو نه ڪري رهيا آهن، ڪامسٽيڪ کي انهن جي شموليت ۽ انهن کي ٻيهر فعال بڻائڻ ۽ مقرر هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪامسٽيڪ کي وقت بوقت پنهنجي ويزن ۽ مشن جو جائزو وٺڻ گهرجي ۽ پنهنجي هدفن ۽ مقصدن تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهو يقيني بڻائي سگهجي ته اهي سڄي دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي سان مناسب طور تي هم آهنگ آهن. ڪميٽي ايجنڊا جي آئٽمز تي پنهنجي فيصلن کي ڪامسٽيڪ جي قيادت کي پڻ آگاهه ڪري ٿي. ڪامسٽيڪ او آءِ سي جي 57 ميمبر ملڪن جي وزارتي اسٽينڊنگ ڪميٽي آهي جيڪا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي انچارج وزيرن تي ٻڌل آهي. ڪامسٽيڪ پنهنجي جنرل اسيمبلي جو اجلاس هر ٻن سالن ۾ هڪ ڀيرو اسلام آباد ۽ ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جو اجلاس هر سال هڪ ڀيرو منعقد ڪري ٿي.