
ڪالام – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي لاءِ 25 هزار رپيا في ڪس جي فراهمي جي مد ۾ وفاق پاران 10 ارب رپين جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي قدرتي آفت ضرور هئي پر ناقص انساني منصوبابندي جي ڪري اهو نقصان ”مين ميڊ“ آهي، اتحادي حڪومت آخري متاثر ماڻهو جي بحالي تائين ڪوششون جاري رکندي، آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي سان ملڪ ڊيفالٽ ٿيڻ جي خطري مان نڪري ويو، الله ڪري پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي، اسان پاڪستان کي دنيا ۾ ان جو وڃايل مقام واپس ڏيارڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، الله تعاليٰ پاڪستان کي انساني ۽ قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي، انهن علائقن ۾ ڦاٿل سمورن سياحن کي خميس تائين ڪڍي وٺنداسين. وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جو دورو ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. ان موقعي تي انجنيئر امير مقام، ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، نجم الدين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هي قدرتي آفت ضرور هئي پر ناقص انساني منصوبابندي جي ڪري اهو نقصان ”مين ميڊ“ آهي. هوٽل دريائن ۾ ۽ پاڻي ۾ غلط طور تي تعمير ڪيل هڪ پَل ۾ ڊهي پيا، گهرن کي نقصان پهتو، پليون رستا متاثر ٿيا. هن چيو ته پاڪستان حڪومت صوبائي حڪومت، پاڪ هٿياربند فوج، اين ڊي ايم اي، چونڊيل نمائندا، انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي ڏينهن رات مدد ڪري رهيا آهن. هتان سياحن کي ٻاهر ڪڍڻ جو عمل ڏينهن رات جاري آهي، ان تي آرمي چيف ۽ ايئر چيف جا ٿورائتا آهيون. ٻڌايو ويو آهي ته خميس تائين هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍيو ويندو. هن چيو ته هتي جيڪا تباهي آئي آهي، اها درياءَ ڀرجي وڃڻ جي ڪري آئي. هن چيو ته گذريل ڏينهن چيف آف آرمي اسٽاف پڻ هتان جو دورو ڪيو. سنڌ بلوچستان ۾ برساتن سان تباهي ٿي، هڪ هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا. سمورا ميداني علائقا سمنڊ جو منظر پيش ڪري رهيا آهن، هزارين ماڻهو زخمي، لکين بي گهر ٿيا آهن. انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو. 7 لک جانور پاڻي ۾ وهي ويا. لکين ايڪڙ زمين تي فصلن کي نقصان پهتو آهي. کجور جا وڻ، چانور ڪپهه جي فصل تباهه ٿي. هن چيو ته لکين ماڻهو کليل آسمان هيٺ پناهه ورتل آهن. پوري قوم جي ڪوششن سان انهن کي محفوظ مقام تي پهچايو ويو آهي. آئون صوبائي حڪومتن، پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کي شاباس ڏيان ٿو جيڪي متاثرين جي بحالي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهن. هن چيو ته رستا ۽ پليون ڊهي ويون، بجلي جو نظام درهم برهم ٿيو آهي. توانائي وارو وزير سنڌ ۽ سيڪريٽري بلوچستان ۾ آهي. ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي ڀرپور انداز ۾ فعال آهن. هن چيو ته وفاقي حڪومت 28 ارب رپيا اين ڊي ايم اي ۽ بي آءِ ايس پي ذريعي ڏئي رهي آهي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ 25 هزار رپيا في خاندان جي حساب سان ورهايا پيا وڃن. سنڌ 15 ارب ۽ بلوچستان جي لاءِ 10 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن، نقصان ان کان به وڌيڪ آهي، وڌيڪ رقم فراهم ڪنداسين. باقي صوبن ۾ به رقم جي فراهمي شروع ڪري رهيا آهيون. فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک رپيا في ڪس ۽ زخمين کي 3 لک رپيا ڏئي رهيا آهيون، ان رقم سان وڇڙي ويندڙن کان انهن جي نقصان جو ازالو ته نه ٿو ٿي سگهي پر حڪومت جو اهو فرض آهي ۽ اسان اهو فرض نڀائي رهيا آهيون. فصلن جي نقصان جو جائزو وٺي رهيا آهيون. هن چيو ته ساڍا 3 هزار ڪلوميٽر وڌيڪ رستا تباهه ٿيا آهن. هن خيبرپختونخواهه جي لاءِ 10 ارب رپيا فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ته جيئن اين ڊي ايم اي سان گڏجي اها رقم متاثرين ۾ ورڇ ٿئي. اسان جي اتحادي حڪومت آهي، اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي ته عوام کي ان مشڪل مان ڪڍڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪريون، ان جي نگراني پاڻ ڪندس، اهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي، اسان جا دوست ڀائر ملڪ به مدد فراهم ڪري رهيا آهن، ملڪي سربراهه يڪجهتي جو اظهار ڪري رهيا آهن ۽ انهن هر قسم جي مدد جي خاطري ڪرائي آهي. ترڪيءَ، گڏيل عرب امارات مان سامان موڪليو پيو وڃي. ترڪيءَ مان امدادي سامان کڻي ٽرين اچي رهي آهي. امدادي سامان جي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي ذريعي ورڇ ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات مان 50 ملين ڊالر ماليت جي سامان جي پهرين کيپ جي طور تي ڏني پئي وڃي. آمريڪا 30 ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو آهي. اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي سان گڏجي اها امداد ورهائي رهي آهي. متاثرين جي لاءِ ملندڙ امداد امين بڻجي متاثرين تائين پهچائينداسين. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورائتا آهيون، جن پرڏيهي وزارت جي اپيل تي 160 ملين ڊالر جو پروگرام بڻايو. عالمي ادارا، ڊونرز به پنهنجو حصو وجهندا. انهن کي يقين ڏياريو آهي ته اهو پئسو شفاف انداز ۾ مستحقين تائين پهچائينداسين. هن چيو ته پورو يقين آهي ته اتهادي حڪومت، صوبائي حڪومت، پاڪ فوج، اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي ڏکويل ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۾ آباد ڪنداسين. ڏينهن رات محنت ڪري اهو پئسو متاثرين تائين پهچائينداسين. هن چيو ته آءِ ايم ايف کان قرض پروگرام جي منظوري سان پاڪستان ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچي ويو آهي. منهنجو قوم کي پيغام آهي ته الله ڪري اهو آءِ ايم ايف سان اسان جو آخري پروگرام هجي. ان کانپوءِ اسان همت ڪريون، محنت ڪريون پنهنجا وسيلا استعمال ۾ آڻيون، الله اسان کي قدرتي ۽ انساني وسيلا ۽ دولت سان مالامال ڪيو آهي. ذهين قوم، زراعت، صنعت، پيشيور ماڻهو، سڀ گڏجي پنهنجي پيرن تي بيهنداسين، جيڪڏهن اسان قوت سان انهن مصيبتن کي منهن ڏئي ايندڙ نسلن کي عزت ۽ وقار ڏينداسين ته قائداعظم جي خواب جي تعبير ٿيندي ۽ لکين ماڻهن پاڪستان جي لاءِ جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، انهن جي روحن کي سڪون ملندو ۽ دنيا ۾ پاڪستان جو وڃايل مقام ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اها قوم جي وڏي خدمت هوندي جن پارٽين هي حڪومت ٺاهي انهن پاران اها قوم جي وڏي خدمت هوندي. هن چيو ته سمورا اهي ماڻهو جن کي الله پاڪستان جي تقدير ۽ ڏک کي سک ۾ بدلائڻ جي قدرت ۽ وسيلا ڏنا آهن اهي ڏکن کي خوشين ۾ بدلائين، اهو ئي اسان جو فرض ۽ انهي ۾ عزت آهي. هن چيو ته دير، اپر ڪوهستان ۽ شانگلا سميت ٻين علائقن جو دورو جلد ڪندس. متاثرين جي بحالي لاءِ الله جي رضا سان پنهنجي پوري ڪوشش ڪنداسين. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخواهه ۾ ٻوڏ متاثر علائقن ڪالام ۽ سوات جو دورو ڪيو. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وينداسين ۽ ان عمل جي پاڻ نگراني ڪندس. امدادي ڪمن جي نگراني به پاڻ ڪندس. ڪانجو ۾ پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي پاران وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته اپر سوات ڪالام ۾ فتح پور کان بحرين تائين 18 ڪلوميٽر رستي کي نقصان پهتو، 59 هوٽلون تباهه ٿيون، جڏهن ته 20 کان 25 هوٽلون جزوي متاثر ٿيون. ڪمرات مان 500 کان 700 سياح جڏهن ته ڪالام مان 1400 کان 1500 سياح ڪڍيا ويا. مٽلٽان ۾ هائيڊرو پاور پراجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ 150 مزدورن کي ڪڍيو ويو. متاثرين کي خوراڪ فراهم ڪئي وئي. ان علائقي ۾ 22 ماڻهو فوت 15 زخمي ٿيا. 10 پليون تباهه ٿيون، 165 گهر مڪمل تباهه ۽ 230 جزوي تباهه ٿيا. مٽه، بحرين ۽ شانگلا ۾ 15 رستا به متاثر ٿيا. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ڪانجو ۾ ٻوڏ سبب 22 ماڻهو فوت ٿيا، ڪالام ۾ 165 گهر تباهه ٿيا آهن.