اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حضرت امام حسين رضه جي شهادت جو اهو پيغام آهي ته باطل ظاهر ۾ جيترو به عروج تي هجي ان کي آخرڪار ختم ٿيڻو آهي ۽ حق کي جيترو به دٻايو وڃي ان کي قائم رهڻو آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي حضرت امام حسين رضه جي شهادت جي جذبي، ايثار، قرباني ۽ حق پرستي کي پنهنجي اندر تازو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ته جئين اسان ملڪ ۽ قوم جو سربلندي لاءِ هر قرباني لاءِ تيار هجون.
وزيراعظم عاشورا جي ڏينهن محرم الحرام 1443هه/ 2021ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته اڄ محرم الحرام 1443هه جي 10 تاريخ آهي جنهن کي يوم عاشورا به چيو ويندو آهي، عاشور جو ڏينهن اسلام جي آمد کان به اڳ به اهم خصوصيتن جو حامل رهيو آهي پر رسول ﷺ جي ڏوهيٽي جي شهادت سان ان جي اهميت اڃان وڌيڪ ٿي وئي آهي، امام عالي مقام رضه جي شهادت هڪ اهڙو دردناڪ ۽ المناڪ واقعو آهي جنهن کي امت صديون گذرڻ جي باوجود ان جي شهادت تي اڄ به ڏکويل آهي، سوين سال گذرڻ جي باوجود اهو زخم، ڏک ۽ واقعو تازو آهي.
هن چيو ته رسول ﷺ جي ڏوهيٽي ۽ سيدنا بتول جي جگرگوشه حضرت امام حسين رضه جڏهن يزيد جي جبر ۽ ظلم ستم کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته پاڻ کي پنهنجي ساٿين سميت ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ڪيو ويو، امام عالي مقام شهادت قبول ڪئي پر ظلم ۽ جبر جي سامهون نه جهڪيا ۽ نه ئي يزيد جي حڪومت کي تسليم ڪيو.
امام عالي مقام پنهنجي اخلاق سان اهو ثابت ڪيو ته حق ۽ باطل جي ويڙهه ۾ انسان کي سدائين حق جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ۽ قرباني ڏيڻ کان پاسو نه ڪرڻ گهرجي.
وزيراعظم قوم کي مخاطب ٿيندي چيو ته عزيز وطنو حق ۽ باطل جي ويڙهه ازل کان آهي ۽ ابد تائين رهندي، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته اسان هر دور ۾ سچ ۽ انصاف جو ساٿ ڏيون، ڪوڙ ۽ فريب جي هر چال کي ناڪام بڻائيندي امام عالي مقام کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا.
دين اسلام جي جن اصولن جي خاطر حضرت امام حسين رضه جي شهادت پيش ڪئي انهن اصولن جي علمبرداري لاءِ اسان به قرباني پيش ڪرڻ کان پوئتي نه هٽون، حضرت امام حسين جي شهادت جو اهو پيغام آهي ته باطل ظاهر طور جيترو به عروج تي هجي ان کي آخرڪار فنا ٿيڻو پوندو آهي ۽ حق کي جيترو به دٻايو وڃي ان کي قائم رهڻو هوندو آهي.
الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو سدائين حضرت امام حسين رضه جي شهادت جي جذبي، ايثار، قرباني ۽ حق پرستي کي پنهنجو اندر تازو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي جيئن اسان ملڪ ۽ قوم جي سربلندي لاءِ هر قرباني لاءِ تيار هجون، وزيراعظم عمران خان چيو ته آخر ۾ ان ڳالهه جو ورجاءُ ضروري سمجهان ٿو ته ڪورونا بابت ايس او پيز تي عملدرآمد کي به يقيني بڻايو ته جيئن ملڪ ان وبا جي خطرن کان مڪمل طور تي محفوط ٿي وڃي، الله تعاليٰ اسان جو حامي ۽ ناصر هجي.